اسلام آباد – 08 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پي ٽي آءِ حڪومت جو منشور عوام جي عملي خدمت ڪرڻ آهي، سرڪاري ادارن کي هر صورت عوام جي خدمت جو پابند بڻايو وڃي، گور??نس سسٽم جي بهتري عوام ۽ سرڪاري ادارن جي وچ ۾ بهتر رابطن سان مشروط آهي، وزيراعظم آفيس پاران جاري بيان موجب سرڪاري ادارن، کاتن تائين ڪم??ور طبقي جي پهچ وڌيڪ آسان بڻائڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي، پاڪستان سٽيزن پورٽل شهرين جي حصيداري گور??نس جي فروغ لاءِ قائم ڪيو ويو آهي ته جيئن ما??هن جي مسئلي جي حل لاءِ سرڪاري ادارا موثر خدمتون فراهم ڪري سگهن، وزيراعظم جي هدايت تي ملڪ جو سڀ کان وڏو شڪايتن جو نظام مڪمل فعال ٿي ??يو آهي، سڀني صوبن ۾ سٽيزن پورٽل تي آفيسرن جا 8 هزار 864 ڊيش بورڊز کي ذميداري سونپي وئي آهي، جيڪو وزيراعظم عمران جو ڪم??ور ۽ بي سهارا ما??هن لاءِ هڪ وڏو قدم آهي، ان سلسلي ۾ وزيراعظم آفيس سڄي ملڪ جي 8 هزار 884 کان وڌيڪ سرڪاري آفيسن، سڀني وفاقي سيڪريٽريز، چيف سيڪريٽريز ۽ آءِ جيز کي خط جاري ڪيو ويو آهي. جنهن تحت سرڪاري آفيسرن کي پنهنجي ڊيش بورڊ کان ڪم??ور طبقي جون شڪايتون داخل ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي ۽ خاص طور بزرگ شهرين، بيواهه عورتن، معذور ما??هن جي سهولت لاءِ خصوصي هدايتون جاري ڪيون ويون آهن.