اسلام آباد – 27 سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان امن، خوبصورتي ۽ مهمان نواز ماڻهن جي سرزمين آهي. سياح پاڪستان جي خوبصورتي ڏسڻ جي لاءِ هتي ضرور اچن. سياحت جي عالمي ڏهاڙي جي حوالي سان پنهنجي هڪ ٽوئ??ٽ ۾ صدر چيو ته پاڪستان امن، خوبصورتي ۽ مهمان نواز ماڻهن جي سرزمين آهي. ڪوهه هماليه، ڪوهه قراقرم ۽ هندوڪش پهاڙي سلسل?? وڻندڙ خوبصورتي جو عڪاس آهي. هن چيو ته نانگا پربت ۽ ڪي ٽو جي پهاڙين جي دل??شي پنهنج?? مثال پاڻ آهي.