اسلام آباد – 26 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي بجلي ورڇ ڪندڙ ڪمپني طرفان 8 سال اڳ عورت ۽ سندس ٻار جي بجلي جي ڪر??ٽ لڳڻ سبب فوت ٿيڻ کانپوءِ معاوضي ۾ دير تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي هدايت ڪئي ته 30 ڏينهن اندر وارثن کي اهو معاوضو ادا ڪيو وڃي. ايوان صدر ميڊيا آفيس مان جاري بيان موجب صدر حيدرآباد اليڪٽرڪ سپلائي ڪمپني حيسڪو طرفان معاوضي جي ادائيگي ۾ دير تي ناراضگي جو اظهار ڪندي چيو ته حيسڪو وفاقي محتسب جي ح??م جي پاسداري ڪري ۽ 30 ڏينهن اندر شڪايت ڪندڙ کي معاوضي جي ادائيگي ڪري، صدر ان معاملي جي اداره جاتي انڪوائري جو حڪم ڏيندي ان ۾ دير جي سببن تي مشتمل رپورٽ وفاقي محتسب سيڪريٽريٽ کي 30 ڏينهن ۾ جمع ڪر??ئڻ جي به هدايت ڪئي، لطيف آباد، حيدرآباد جي رهواسي محمد عمر صديق جي گهرواري ۽ ٻارڙي 11 ڪي وي هاءِ ٽ??نش?? لائن ٽٽڻ سبب 8 ??يپ??مبر 2012ع تي ڪر??ٽ لڳڻ سبب پنهنجي زندگي تان هٿ ڌوئي ويٺا هئا.