اسلام آباد – 08 اپريل (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر چيو آهي ته ڪرونا وائرس عالمي چئلينج آهي، تبليغي جماعت جي ميمبرن جي تعاون جا ٿورائتا آهيون، ٻاهرئين ملڪن ما?? تبليغي جماعت جي ماڻهن ۽ زائرين جي واپسي جي لاءِ هر ممڪن قدم کنيا ويندا، عوام کي اپيل آهي ته حفاظتي تدبيرن تي عمل ڪري ڇو ته وبا کي منهن ڏيڻ لاءِ هر مڪتبه فڪر جو تعاون اهميت وارو آهي. پارليامينٽ هائوس ۾ هو مذهبي معاملن واري ??فاقي وزير نورالحق قادري ۽ مملڪتي وزير شهريار آفريدي سان گڏ صحافين سان ڳالها??ي رهيو هو.