ڪوئيٽا – 23 جنوري (ا?? پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته بلو??ست??ن جي عوام حڪومت ۽ سيڪيورٽي فورسز سان گڏجي پاڪستان کي غير مستحڪم ڪرڻ جي پرڏيهي سازشن کي مٽي ۾ ملائي ڇڏيو آهي، وزيراعظم عمران خان جو صاف موقف آهي ته پاڪستان خطي ۾ ڪنهن جنگ جو حصو نه بڻجندو، پنهنجي خودمختياري ۽ قومي مفاد کي ٻين جي مفاد لاءِ هرگز قربان نه ڪنداسين، وزيراعظم عمران خان جي قيادت ۾ بلو??ست??ن سان ماضي ۾ ٿيندڙ ناانصافين کي ختم ڪري هر مرح??ي تي انصاف جي فراهمي کي يقيني بڻائينداسين، وفاقي حڪومت پوري قوت سان پنهنجي اتحادي پارٽين ۽ بلو??ست??ن جي وڏي وزير ڄام ڪمال سان گڏ بيٺل آهي، اها ڳالهه هن ڪوئيٽا پريس ڪلب جي دوري جي موقعي تي پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪئي.