اسلام آباد – 10 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته آئون مدين?? جي رياست جي ماڊل تي ان لاءِ زور ڏيان ٿو ته اسان جي نوجوان نسل کي پنهنجي تاريخ کان آگاهي ملي ۽ اهي ڏسي سگهن، حضور صه نوجوانن کي سکڻ جو حڪم ڏنو هو، اسان جي تعليمي ادارن ۾ اس??ام جي تاريخ بابت نه ٿو ٻڌايو وڃي ان لاءِ نوجوان نسل کي پنهنجي عظيم رول ماڊلز بابت ڄاڻ نه آهي، جيڪڏهن اسان کي عظيم بڻجڻو آهي ته نبي صه جي زندگي کي رول ماڊل بڻائڻو پوندو. وزيراعظم عمران خان ”مدين?? جي رياست ۽ اس??ام جو تصور، نبوي صه جي تعليم جي روشني ۾“ جي موضوع تي انٽرنيشنل رحمت اللعالمين ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو ته منهنجي گهڻي زندگي ٻاهرئين ملڪ گذري آهي ۽ آئون پاڪستان جي سمورن علائقن ۽ عوام کي ڄاڻان ٿو جڏهن مون زندگي جو سفر شروع ڪيو ته مون کي سمجهه نه ??ئي?? آئون رڳو والد صاحب جي چوڻ تي جمعي ۽ عيد جي نماز پڙهندو هئس، ان کانسواءِ منهنجو ڪو ايمان نه هو.