لاهور -07 آگسٽ (اي پي پي) سنڌو درياهه ۾ چشما ۽ تونسا وٽ وچولي درجي جي ٻوڏ جي صورتحال آهي، پي ڊي ايم اي جون متاثر ??لائقن ۾ امدادي سرگرميون جاري آهن. پي ڊي ايم اي جي ترجمان موجب ڊيره غازي خان تونسا ۽ ڪوٽ چ??ا تعلقي جي سنڌو درياهه جي ڪناري آباد 5 ڳوٺ پاڻي هيٺ اچڻ سبب متاثر ٿيا آهن. پي ڊي ايم اي ۽ ضلعي انتظاميه جي اڳواٽ قدمن سبب ڪو به جاني ۽ مالي نقصان ناهي ٿيو. هوڏانهن ڊي جي پي ڊي ايم اي چيو آهي، ته متاثر ??لائقن مان شهرين ۽ سندن چوپائي مال کي وقت سر ريسڪيو ويو. ٻ??ڏ متاثر ??لائقن ۾ 8 ٻيڙيون ۽ 34 ورڪرز امدادي سرگرمين ۾ مصروف آهن، 61 ماڻهن ۽ 650 کان وڌيڪ چوپائي مال کي وقت سر محفوظ هنڌن ڏانهن ??نت??ل ڪيو ويو آهي، پي ڊي ايم اي موجب عوام جي جان ۽ مال جو تحفظ اسان جي اولين ذميواري آهي.