اسلام آباد-03 جنوري (اي پي پي) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي نيش??ل پوليس اڪيڊمي جي اپ گريڊيشن جو اعلان ڪندي عالمي معيار موجب هڪ نئون ماسٽر پلان تيار ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. گهرو وزير نيش??ل پوليس اڪيڊمي جو تفصيلي دؤرو ڪيو. هن اڪيڊمي، هاسٽل ۽ ميس جو تفصيلي معائنو ڪيو ۽ تربيت هيٺ آفيسرن لاءِ فراهم ڪيل سهولتن جو جائزو ورتو. ان دو??ان تربيت هيٺ آفيسرن سان ملاقات ڪئي ۽ سندن سهولتن جي حوالي سان پُڇا ڪئي. گهرو وزير ان حوالي سان هڪ عالمي معيار جي ڪنسلٽنٽ جي خدمت حاصل ڪرڻ تي به زور ڀريو. وفاقي وزير اعلان ڪيو ته نيش??ل پوليس فائونڊيشن طرفان 25 ڪروڙ رپيا جلد اڪيڊمي جي حوالي ڪيا ويندا ته جيئن مالي طور تي خودمختار ادارو بڻائي سگهجي. هن اها به هدايت ڪئي ته نيش??ل پوليس اڪيڊمي جي نئين سر جوڙجڪ جو ڪم 3 مهينن ۾ مڪمل ڪيو وڃي. دؤري دو??ان محسن نقوي اڪيڊمي کي يونيورسٽيءَ جو درجو ڏيڻ لاءِ فوري قدمن جي هدايت ڪئي. هن چيو ته اي ا??س پيز جي ڪورسز کي جديد دؤر جي گهرجن مطابق بڻايو ويندو ۽ دهشتگردي، اينٽي روئٽس ۽ سائبر ڪرائيم سميت اهم شعبن ۾ تربيتي ڪورسز کي جاري ڪيو ويندو. گهرو وزير نيش??ل پوليس اڪيڊمي ۾ ماڊل ٿاڻو ۽ تربيتي ليبارٽريون قائم ڪ??ڻ جي به هدايت ڪئي ته جيئن آفيسرن کي عملي تربيت فراهم ڪ??ي سگهجي. اجلاس ۾ نيش??ل پوليس اڪيڊمي جي سربراهه ۽ ٻين عملدارن شرڪت ڪئي ۽ اداري کي جديد رُخن تي آڻڻ لاءِ مختلف تجويزون پيش ڪيون. وفاقي وزير چيو ته نيش??ل پوليس اڪيڊمي کي هڪ عالمي معيار جو ادارو بڻائڻ ضروري آهي ته جيئن ٻين ملڪن جا آفيسر به هتي تربيت لاءِ اچي سگهن.