اسلام آباد- 24 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ان عزم جو اظهار ڪيو آه?? ته پاڪ??تا?? خلاف ناپاڪ سازشون ناڪام بڻائ??ند??سين، ايٽمي پروگرام تي ڪوبه ٺاهه نه ٿيندو، قومي يڪجهتي ۽ اتحاد کي هٿي ڏيڻ لاءِ پي ٽي آءِ سان خلوص سان ڳالهيون ڪنداسين، اميد آه?? ته ڳالهين جي ڪاميابيءَ سان ملڪ ۾ امن ۽ معاشي استحڪام ايندو. اهڙو اظهار هن وفاقي ڪابينه جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته گذريل ڪجهه مهينن دوران دهشتگرد حملن ۾ واڌ ٿي، ڪجهه ڏينهن اڳ خوارجن جي حملي ۾ 17 جوان شهيد ٿيا. وزيراعظم ڪابينه اجلاس ۾ شهيدن جي درجن جي بلنديءَ لاءِ دُعا ڪرائي. وزيراعظم نيشنل ڊفينس ڪامپليڪس ۽ ٻين دفاعي پابندين کي بنا جواز قرار ڏيند?? چيو ته پاڪ??تا?? جو ايٽمي پروگرام جارحاڻو ناهي، اهو 100 سيڪڙو پاڪ??تا?? جي دفاع ۽ ڊيٽرنس لاءِ آه??. پاڪ??تا?? ڪنهن خلاف جارحاڻو عزم نٿو رکي. پرڏيهي آفيس ان حوالي سان جامع ۽ مربوط جواب ڏنو آه?? پر اها ڳالهه طئي آه?? ته هي پروگرام 24 ڪروڙ عوام جو آه?? ۽ اسان کي هر شيءِ عزيز آه??. ان تي ڪو سمجهوتو نه ٿيندو، پوري قوم ان تي متحد آه??. وزيراعظم قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر طرفان پي ٽي آءِ سان ڳالهين جي قدم کي سٺو سنوڻ قرار ڏيند?? چيو ته مون صلاح مشوري سان اسحاق ڊار، راڻا ثناءُ الله، عرفان صديقي، راجا پرويز اشرف، نويد قمر، ڊاڪٽر مقبول صديقي، عليم خان، اعجاز الحق ۽ خالد مگسي تي ٻَڌل ڪميٽي ٺاهي آه??. قومي مفاد جي گهرج آه?? ته اسان پنهنجن ذاتي مفادن کي قومي مفادن جي تابع ڪريون ۽ ذاتي پسند ۽ ناپسند کي قوم خاطر قربان ڪريون. ان مقصد ۽ هدف کي آڏو رکي جيڪا ڳالهه ٻولهه ٿيندي ان سان ملڪ ۾ قومي يڪجهتي ۽ بهتري ايندي. اسان کي ڪنهن جي نيت تي شڪ ناهي ۽ اميد آه?? ته گڏجي اهڙو حل ڪڍنداسين جيڪو ملڪ جي بهترين مفاد ۾ هجي ۽ ملڪ ۽ قوم کي ان مان فائدو ٿئي ۽ ان سان ملڪ ۾ وڌيڪ معاشي استحڪام اچي. وزيراعظم قومي يڪجهتي ۽ اتحاد کي هٿي ڏيڻ تي زور ڀريند?? چيو ته اسپيڪر جي بهتر قدمن تي حڪومت نيڪ نيتيءَ سان اڳتي وڌندي ۽ اميد آه?? ته ٻي ڌُر پاران به ان ئي جذبي جو مظاهرو ڪيو ويندو. اميد ڪريون ٿا ته ٻئي ڌريون گڏجي پاڪ??تا?? کي امن ۽ استحڪام جي راهه تي گامزن ڪنديون. وزيراعظم دهشتگردي جي واقعن جو ذڪر ڪند?? چيو ته گذريل ڏينهن اسان جي سيڪيورٽي فورسز وڌيڪ 8 خوارجين کي ماري ڇڏيو ۽ پاڪ فوج جي سپهه سالار جوانن جي همٿ افزائي وڌائڻ لاءِ پاڻ وانا ويو. وزيراعظم چيو ته ملڪ ۾ ٻيهر ڪَر کڻندڙ دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين ملڪ جي ترقي ۽ خوشحاليءَ لاءِ اسان جي ڪوششن جو ثمر قوم تائين نه پهچي سگهندو. دهشتگرديءَ جي خاتمي لاءِ صوبن سان گڏجي سمورا وسيلا ڪتب آڻ??ند??سين ۽ دهشتگردي کي ٻيهر ڪُچلڻ تائين سُک سان نه ويهنداسين. وزيراع??م بلوچ??تا?? ۽ ڪي پي ڪي ۾ دهشتگرديءَ جي سببن جو ذڪر ڪند?? چيو ته پاڪ??تا?? خلاف ناپاڪ سازشن کي ناڪم بڻايو ويندو. هن پارا چنار ۾ فرقيواراڻي تڪرارن جي افسوسناڪ واقعي کي بدقسمتي قرار ڏيند?? چيو ته انهن تڪرارن ۾ ٻنهي پاسن کان قيمتي حياتيون ضايع ٿيون. وزيراعظم ان واقعي تي افسوس جو اظهار ڪيو ته جڏهن اها خونريزي ٿي رهي هئي ته صوبائي حڪومت اسلام آباد تي چڙهائي ڪري رهي هئي، ڪاش انهن جا وسيلا ۽ توانائي پارا چنار ۾ خرچ ٿين ها ته ايترو نقصان نه ٿئي ها. وزيراعظم ڪابينا کي ٻڌايو ته گهرو وزير ڪي پي ڪي جو دورو ڪيو آه?? ۽ هو ڪابينا کي اتان جي صورتهال تي اعتماد ۾ وٺندو. وزيراعظم چيو ته دهشتگردي جي ناسور کي مڪمل ختم ڪنداسين ۽ پاڪ??تا?? درپيش چئلينجز مان سرخرو ٿي نڪرندو.دهشتگردي خلاف اسان جي فورسز جون قربانيون ضايع نه وينديون. وزيراعظم معاشي صورتهال تي اطمينان جو اظهار ڪند?? چيو ته اسٽيٽ بينڪ پاليسي ريٽ ۾ گهٽتائي ڪري 13 سيڪڙو ڪري ڇڏيو آه??. مهاناگئي 5 سيڪڙو کان به گهٽجي وئي آه??. جيڪا 2018ع بعد سڀ کان گهٽ آه??. ايڪسپورٽ ۾ به اضافو ٿي رهيو آه??، پرڏيهه مان آيل ناڻي، آءِ ٽي ايڪسپورٽ ۾ به اضافو ٿي رهيو آه??. بنگلاديش سان هڪ نئون تعلق جڙي رهيو آه??. وزيراعظم ڪابينا کي قاهره ۾ بنگلاديش، انڊونيشيا ۽ ترڪيه سميت مختلف ملڪن جي قيادت سان ٿيل فائديمند ڳالهين تي اعتماد ۾ ورتو. وزيراعظم ٻڌايو ته بنگلاديش پاڪ??تا?? جي شپمينٽ جي 100 سيڪڙو چيڪنگ ختم ڪري ڇڏي آه??.ڍاڪا ايئرپورٽ تي پاڪ??تا??ين جي ڌار اسڪريننگ به ختم ڪري ڇڏي آه??. اسان طرفان به بنگلاديش لاءِ خوشگوار قدم کنيا پيا وڃن. چانورن جي ايڪسپورٽ شروع ٿي وئي آه??.