اسلام آباد – 24 ڊسمبر (اي پي پي) وزير??عظ?? محمد ش??با?? شريف هدايت ڪئي آهي ته ڪابينا ميمبرن جي راءِ جي روشنيءَ ۾ رائيٽ سائزنگ ڪميٽي جي مختلف وزارتن ۽ کاتن ۾ رائٽ سائزنگ جي سفارشن جو جائزو وٺي وف??قي ڪابينا ۾ ٻيهر رپورٽ پيش ڪئي وڃي، جڏهن ته ڄا??ايل ڪميٽي سائنس ۽ ٽيڪنالاجي، ڪامرس، هائوسنگ اينڊ ورڪس ۽ نيشنل فوڊ سيڪيورٽي اينڊ ريسرچ ۽ انهن سان لاڳاپيل ادارن ۾ رائٽ سائزنگ لاءِ ڪجهه ادارن کي مڪمل بند ڪرڻ ۽ ڪُجهه کي ضم ڪرڻ جي سفارش ڪئي آهي. وزير??عظ?? آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب وزير??عظ?? محمد ش??با?? شريف جي صدارت هيٺ وف??قي ڪابينا جو اجلاس وزير??عظ?? هائوس اسلام آباد ۾ ٿيو، وف??قي ڪابينا ۾ حڪومت جي رائٽ سائزنگ جي حوالي سان جوڙيل ڪميٽي واپار واري وزارت، هائوسنگ ۽ ورڪس واري وزارت، نيشنل فوڊ سيڪيورٽي اينڊ ريسرچ واري وزارت ۽ انهن سان لاڳاپيل ادارن جي رائٽ سائيزنگ جي حوالي سان سفارشون پيش ڪيون. ڪميٽي ڄا??ايل وزارتن جي ڪجهه ادارن کي مڪمل بند ڪرڻ ۽ ڪجهه ادارن کي ضم ڪرڻ جي سفارش ڪئي آهي. ڪميٽي انهن وزارتن جي سيڪريٽريٽ ۾ عملي جون پوسٽون 30 سيڪڙو گهٽائڻ جي به تجويز ڏني. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته انهن سفارشن جي منظوري کانپوءِ قومي خزاني کي 42.1 ارب رپين جي بچت جو امڪان آهي. ڪابينا ميمبرن انهن تجويزن تي پنهنجي راءِ ڏني. وزير??عظ?? هدايت ڪئي ته ڪابينا جي ميمبرن جي راءِ جي روشني ۾ انهن وزارتن جي رائٽ سائزنگ بابت سفارشن ۽ ان تي عملدرآمد جو جائزو ورتو وڃي ۽ رپورٽ ٻيهر وف??قي ڪابينا ۾ پيش ڪئي وڃي. وف??قي گهرو وزير سيد محسن رضا نقوي وف??قي ڪابينا کي پارا چنار جي صورتحال تي تفصيلي بريفنگ ڏني. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته پارا چنار ۾ امدادي سرگرميون جاري آهن ۽ ان حوالي سان وف??قي ۽ خيبرپختونخواهه حڪومتون گڏيل طور تي امدادي سرگرمين ۾ حصو وٺي رهيون آهن. اجلاس کي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته پارا چنار مان مريضن کي ٻين شهرن ڏانهن منتقل ڪرڻ لاءِ وزير??عظ?? جي استعمال هيٺ هيلي ڪاپٽر مخصوص ڪيو ويو آهي. جڏهن ته پارا چنار جي سمورن اسپتالن ۾ ضروري دوائن جي دستيابي کي يقيني بڻايو ويو آهي.