اسلام آباد-23 ڊسمبر (اي پي ??ي) قومي خابرو اداري ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان (اي پي ??ي) ۾ ڪرسمس جي موقعي تي مسيحي برادريءَ سان يڪجهتيءَ جي اظهاءِ لاءِ ڪالهه خصوصي تقريب ڪوٺائي وئي. تقريب جو خاص مهمان اي پي ??ي جو ايم ڊي محمد عاصم کچي هو. ان موقعي تي مسيحي برادري جي خوشين ۾ شريڪ ٿيندي ڪرسمس جو ڪيڪ ڪاٽيو ويو. تقريب ۾ اي پي ??ي جي ايگزيڪيوٽو ڊا??ري??ٽر سبين خان خٽڪ، ڊا??ري??ٽر نيوز شمائله عنديب، ڊا??ري??ٽر اردو نيوز سروس عبدالجبار زڪريا، ڊا??ري??ٽر وڊيو نيوز سروس رب نواز باجوه، ڊا??ري??ٽر ڪورٽ اينڊ ڪرائيم محمد رشيد ملڪ، ڊا??ري??ٽر ايڇ آر فارينه مغل، مختلف شعبن جي سربراهن ۽ اي پي ??ي ايمپلائيز يونين جي صدر ملڪ خضر زمان ۽ سيڪريٽري محمد نديم اقبال، اي پي ??ي جي ??حا??ين، ورڪرن ۽ مسيحي برادري سان تعلق رکندڙ ملازمن ڀرپور شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ايم ڊي تقريب کي خ??اب ڪندي مسيحي برادري کي ڪرسمس جون مبارڪون ڏيندي چيو ته پاڪستان ۾ اقليتي برادريءَ کي مڪمل آئيني ۽ قانوني حق حاصل آهن ۽ مسلمانن سميت ٻين مذهبن جا ماڻهو به ڪرسمس جي خوشين ۾ شريڪ ٿي دنيا کي پيغام ڏئي رهيا آهن ته پاڪستان ۾ سمورن مذهبن ۾ ڀرپور هم آهنگي آهي ۽ اقليتن کي مڪمل آزادي حاصل آهي. هن چيو ته ڪرسمس جي موقعي تي اسان مسيحي برادريءَ جي خوشين ۾ برابر جا شريڪ آهيون. خوشيءَ جي ان موقعي تي اداري طرفان مسيحي ملازمن جي الائونس ۾ به واڌ ڪئي وئي.