اسلام آباد – 13 – ڊسمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي صدارت ۾ ڀاڻ جي قيمتن جي استحڪام کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ ڪابينا ڪميٽي جو اجلاس ٿيو. نائب وزيراعظم جي آفيس پاران ??اري بيان موجب اجلاس ۾ ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب کانسواءِ پيٽروليم ۽ صنعت ۽ واپار وارن سيڪريٽرين شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ گئس ڪمپنين جا سرب??اه?? پڻ شريڪ ٿيا. ڪميٽي ڀاڻ جي قيمتن، اسٽاڪ ۽ مارڪيٽ ۾ ان ??ي دستيابي جو جائزو ورتو ۽ مشاهدو ڪيو ته ڀاڻ جو ڪافي ذخيرو دستياب آهي ۽ ان ??ون قيمتون مستحڪم آه??. ڪ??يٽي ڀاڻ جي صنعت جي لاءِ گئس جي دستيابي جو جائزو ورتو ۽ ان کي اطمينان ??وڳو قرار ڏنو. نائب وزيراعظم ربيع جي فصل جي موسم دوران ڀاڻ جي صنعت کي بنا رڪاوٽ گئس جي ف??اه??ي ۽ ڀاڻ جي مستحڪم پيداوار ۽ ذخيري کي يقيني بڻائڻ جي پڻ هدايت ڪئي.