اسلام آباد – 12 ڊسمبر (اي پي پي) گهرو معاملن جي و??اقي وزير محسن نقوي سان ت??ريڪ انصاف پارليمنٽيرين جي باني پرويز خٽڪ ملاقات ڪئي جنهن ۾ سياسي معاملن، ملڪ جي مجموعي صورتحال سميت ٻين گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي و?? ڪئي وئي. پرويز خٽڪ اسلام آباد ۾ احتجاج دوران شرپسندن جي حملي ۾ شهيد پوليس ۽ رينجرز اهلڪارن جي شهادت تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو. گهرو وزارت جي ترجمان مطابق ملاقات ۾ خيبرپختونخوا ۾ امن امان قائم ڪرڻ بابت قدمن تي پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ٻنهي اڳواڻن پاڪستان جي ??رق?? ۾ رڪاوٽون وجهندڙ عنصرن جو ڀرپور مقابلو ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. گهرو وزير چيو ته پاڪستان اسان سڀني جو آهي ۽ سڀني کي گڏجي ان کي اڳتي کڻي وڃڻو آهي، عوام رڳو پنهنجن مسئلن جو حل چاهي ٿو. هن چيو ته پاڪستان جو مستقبل شاندار آهي، دنيا جي ڪا طاقت ??رق?? کان روڪي نٿي سگهي.