اسلام آباد-03 ڊسمبر (اي پي پي) عالمي بئنڪ چيو آهي ته موسمياتي تبديل??ن سبب سڄي دنيا ۾ 1.2 ارب ماڻ??ن جي زندگي ۽ زندگي جي معيار تي اثر پئجي سگهن ٿا. اها ڳالهه عالمي بئنڪ طرفان موسمياتي تبديلين ۽ ان کي منهن ڏيڻ جي موضوع تي جاري ڪيل تازي رپورٽ ۾ چئي وئي آهي. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته سخت گرمي جي لهرن، ٻوڏ، طوفان ۽ ڏڪار جهڙن موسمياتي عملن سبب سڄي دنيا ۾ 1.2 ارب ماڻ??ن جي زندگي ۽ زندگي جي معيار تي اثر پئجي سگهن ٿا. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته بهتر تحفظ لاءِ ت??ز ۽ بهتر ترقي ۽ موسمياتي موافقت جي اسمن کي اهميت ڏي?? ضروري آهي. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته اقتصادي ترقي ۽ موسمياتي تبديلي جي اثرن سبب لچڪ پيدا ڪرڻ جي عمل جو پاڻ ۾ گهرو تعلق آهي. في ڪس جي ڊي پي ۾ 10 سيڪڙو اضافي سان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ ماڻ??ن جو انگ لڳ ڀڳ 100 ملين گهٽجي سگهي ٿو. رپورٽ ۾ ان ڳالهه تي به زور ڀريو ويو آهي ته هر ملڪ جي مخصوص صورتحال مطابق پاليسين کي تيار ڪر?? ضروري آهي. وڌيڪ آمدني رکندڙ ملڪن کي پنهنجي موجوده بنيادي ڍانچي جي جديد ڪاري تي ڌيان ڏيڻ گهرجي، جڏهن ته گهٽ آمدني وارن ملڪن جتي اڪثر بنيادي ڍانچو هاڻ تعمير ٿي رهيو آهي، انهن کي ان ڍانچي کي پائيدار طريقي سان تعمير ڪرڻ جو موقعو ملي رهيو آهي.