اسلام آباد – 21 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪرم ضلعي ۾ معصو?? شهرين بشمول عورتن ۽ ٻارن جي قافلي تي شرپسندن جي حملي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته ملڪ دشمن عنصرن جي ملڪ جي امن کي تباهه ڪرڻ جي سمورين ڪڌين ڪو??شن کي ناڪام بڻائينداسين، معصو?? شهرين جي قافلي تي حملو حيوانيت جي برابر آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف حملي ۾ عورتن ۽ ٻارن سميت مارجي ويل ماڻهن جي درجن جي بلندي ۽ گهرڀاتين جي لاءِ صبر ۽ جميل جي دعا ڪئي. وزيراعظم حملي ۾ زخمي ٿيندڙن کي بهترين طبي سهولتون فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم حملي آورن جي نشاندهي ڪري انهن کي سخت سزا ڏيارڻ جي پڻ هدايت ڪئي. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته ملڪ جي امن جي دشمنن معصو?? شهرين جي قافلي تي حملو حيوانيت جي برابر آهي. وزيراعظم چيو ته ملڪ دشمن عنصرن جي ملڪ جي امن کي تباهه ڪرڻ جي سمورين ڪڌين ڪو??شن کي ناڪام بڻائينداسين. وزيراعطم چيو ته وا??عي ۾ ملوث شرپسند عنصرن جي نشاندهي ڪري انهن کي مثالي سزا ڏني ويندي، تخريبڪار اهڙي بزدلاڻي ڪاررواين سان بهادر پاڪستا??ي قوم جا حوصلا ڪمزور نه ٿا ڪري سگهن. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته شرپسند عنصر جيڪي معصو?? شهرين جو رت وهائين ٿا، اهي مسلمان ته ڇا انسان سڏرائڻ جي به لائق نه آهن.