باڪو – 13 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته آذربائيجان جي صدر الهام عليوف سان ڪوپ 29 جي موق??ي تي انتهائي پرجوش ۽ خوشگوار ملاقات ٿي آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف ايڪس تي پنهنجي پوسٽ ۾ چيو ته باڪو ۾ ورلڊ ليڊرز ڪلائميٽ ايڪشن سمٽ جي ڪامياب انعقاد تي کيس مبارڪباد ڏيندي موسم??ات?? تبديلي سان لاڳاپيل معاملن تي ڪم جي عزم کي سا??اهيو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان دنيا ۾ موسم??ات?? تبديلين جي انتهائي شڪار ملڪن ??ان هڪ آهي ۽ هو موسم??ات?? چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ آذربائيجان ۽ عالمي برادري سان گڏجي ڪم ڪرڻ جو عزم رکي ٿو. وزيراعطم چيو ته ملاقات دوران ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اسٽريٽجڪ حصيداري کي مستحڪم بڻائڻ تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي خاص طور تي اقتصادي ۽ دفا??ي تعاون، ٽيڪنالاجي جي مٽاسٽا ۽ قابل تجديد توانائي جي شعبن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ??ئي. ان موق??ي تي وچ اوڀر جي صورتحال ۽ ٻين عالمي معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ??ئي. وزيراعظم چيو ته اسان گڏجي هڪ لچڪدار ۽ گڏيل تعاون تي ٻڌل مستقبل جي لاءِ ڪوشش جو عزم ڪريون ٿا.