سرگوڌا – 07 – نومبر (اي پي پي) ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان ۽ سرگوڌا يونيورسٽي ۾ مفاهمت جي يادداشتن تي صحيحون ٿيون آهن جنهن تحت سرگوڌا يونيورسٽي جي شاگردن کي اي پي پي ۾ انٽرن شپ ڏني ويندي جڏهن ته ٻئي ادارا گڏجي مختلف ٽريننگ ورڪشاپس منعقد ڪندا. سرگوڌا يونيورسٽي ۾ منعقد ٿيل صحيحن واري تقريب ۾ ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستا?? جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر محمد عاصم کچي ۽ سرگوڌا يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر قيصر عباس مفاهمت جي يادداشتن تي صحيحون ڪيون.
جڏهن ته ان موقعي تي ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستا?? جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر يونيورسٽي ۾ صحافتي قدر?? جي حوالي سان هڪ سيمينار کي خطاب پڻ ڪيو جيڪو سرگوڌا يونيورسٽي جي ڪميونيڪشن اينڊ ميڊيا اسٽڊيز ڊپارٽمينٽ پاران منعقد ڪيو ويو هو.
ان موقعي تي اي پي پي ايمپلائيز يونين جو صدر خضر مل??، اي پي پي سرگوڌا اسٽيشن جو انچارج مخدوم شاهه لطيف، مل?? سليم اختر، راجا نديم اقبال ۽ ٻيا موجود هئا.