اسلام آباد-31 آڪٽوبر (اي پي پي) رٿابندي، ترقي، سڌارن ۽ خاص قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر ??حسن اقبال سي پيڪ تحت جاري رٿائن جي اهميت کي اجاگر ڪندي چيو آهي ته اهي من??وبا پاڪستان جي معاشي استحڪام ۽ ترقيءَ جا ضامن آهن ۽ ملڪ جي خوشحاليءَ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن هڪ اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو، جنهن ۾ سي پيڪ جي جاري رٿائن جي اڳڀرائيءَ جو جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ سيڪريٽري پلاننگ اويس من??ور سمرا، جوائنٽ چيف اڪناماسٽ آپريشنز ظفر الحسن ۽ وزارت جي ٻين اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس دوران وفاقي وزير سي پيڪ تحت پنج ساله ترقياتي من??وبي جي ڪاميابيءَ کي يقيني ??ڻائڻ لاءِ پاڪستان جي سمورن صوبن جي شموليت ۽ ترقيءَ جي برابري وارن موقعن تي زور ڀريو.هن هدايت ڪئي ته سي پيڪ فيز ون، سي پيڪ فيز ٽو جهڙن اهم جُزن کي شامل ڪندي سمورين راهدارين کي مربوط بڻايو وڃي ته جيئن اهي من??وبا پنهنجي مقرر هدفن مطابق مڪمل ڪري سگه??ن. ??فاقي وزير ايم ايل ون (ملتان کان پشاور ريلوي لائن) ۽ ڪي ڪي ايڇ (قراقرم هاءِ وي) جهڙن اهم من??وبن جي وقت سر ??ڪميل تي خاص زور ڀريو ۽ هدايت ڏني ??ه انهن من??وبن جي باقاعدگي سان نگراني ڪئي وڃي ته جيئن انهن جي وقت سر ??ڪميل يقيني ??ڻائي سگهجي. احسن اقبال سي پيڪ من??وبي جي اهميت کي اجاگر ڪندي چيو ته اهي من??وبا پاڪستان جي معاشي استحڪام ۽ ترقيءَ جا ضامن آهن ۽ ملڪ جي خوشحاليءَ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندا.