اسلام آباد – 25 – آڪٽوبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ليسوٿو جي وزيراعظم س??م ميٽيڪني سان ساموا جي شهر اپيا ۾ دولت ??شترڪه جي حڪومتي سربراهن جي اجلاس جي موقعي تي ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس ??ار??ن جاري بيان موجب ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ ليسوٿو جي وچ ۾ گڏيل قدرن، گڏيل اعتماد ۽ عالمي فورمز تي تعاون تي ٻڌل دوستاڻي لاڳاپن تي اطمي??ان جو اظهار ڪيو. هن ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۽ وا??ار?? سيڙپڪاري، ثقافت ۽ عوام س??ن عوام جي رابطن جي شعبن ۾ وسيع تعاون جي عزم جو اظهار ڪيو.