ا??لا?? آباد – 18 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستاني عوام خاص طور تي سرنديءَ وارن ماڻهن کي صيهوني ظلم ۽ ڏاڍ جو شڪار معصوم فلسطينين ۽ لبناني?? جي مدد جي لاءِ قائم امدادي فنڊ ۾ وڌي چڙهي عطيا جمع ڪرائڻ جي اپيل ڪندي چيو آهي ته پاڪستان سرديءَ جي موسم جي لاءِ غزه، فلسطين ۽ لبنان ۾ معصوم مسلمان ڀينرن ڀائر?? جي لاءِ جلد وڌيڪ 3 هزار خيما ۽ 12 هزار ڪمبل موڪليندو جڏهن ته 8 آڪٽوبر 2023ع کان هيستائين امدادي شي?? جي 12 ڪارگوز فلسطين ۽ لبنان موڪليا ويا آهن جن ۾ 3145 خيما، 12625 ڪمبل سميت کاڌي پيتي جون شيون، خشڪ کير ۽ دوائون شامل آهن. وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ غزه، فلسطين ۽ لبنان ۾ پاڪستان پاران موڪلي ويندڙ امداد جي حوالي سان جائزه اجلاس ٿيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب ان موقعي تي ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته فلسطين، غزه ۽ لبنا?? جي مسلمانن کي مصيبت ۾ اڪيلو نه ڇڏينداسين. وزيراعظم حڪومتي قدمن سان گڏوگڏ عوام کي پڻ پنهنجي فلسطينين ڀينرن ڀائر?? جي مدد جي اپيل ڪندي چيو ته صيهوني ظلم ۽ ڏاڍ جو شڪار معصوم فلسطينين ۽ لبناني?? جي مدد جي لاءِ پاڪستان حڪومت امدادي فنڊ قائم ڪري ڇڏيو آهي. وزيراعظم اپيل ڪئي ته پاڪستاني عوام خاص طور تي سرنديءَ وارا ماڻهو وڌي چڙهي ان فنڊ ۾ عطيو جمع ڪرائين، پاڪستان ۽ ملڪ کان ٻاهر رهندڙ پاڪستاني IBAN: PK11SBPD0000001111114292 Raast ID: 01111114292 ۾ عطيو جمع ڪرائي پنهنجي فلسطيني ۽ لبناني ڀينرن ڀائر?? جي مدد ۾ حڪومت جو ساٿ ڏين. وزيراعظم چيو ته پاڪستان سرديءَ جي موسم جي لاءِ فلسطين، غزه ۽ لبنان ۾ اسرائيلي ظلم ۽ ڏاڍ جي شڪار مسلمان ڀينرن ڀائر?? جي لاءِ وڌيڪ خيما ۽ ڪمبل موڪليندو، پاڪستان فلسطين ۽ لبنان ۾ معصوم مسلمان ڀينرن ڀائر?? جي لاءِ جلد وڌيڪ 3 هزار خيما ۽ 12 هزار ڪمبل موڪليندو. وزيراعظم پاڙيسري ملڪن ۾ پاڪستا?? جي سفيرن کي خيمن ۽ ڪمبل?? جي گهربل ا??لا??_مشین/44827.html">?گ جي حوالي سان رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان اسرائيلي ظلم ۽ ڏاڍ جي شڪار مسلمان ڀينرن ڀائر?? جي لاءِ کاڌي پيتي جون شيون ۽ دوائون پڻ موڪلي رهيو آهي، اسرائيل جو فلسطينين تائين امداد ۾ رڪاوٽ پيدا ڪرڻ ڳڻتي جوڳو ۽ مذمت جوڳو آهي. وزيراعظم چيو ته فلسطينين ۽ لبناني?? جي مدد جي لاءِ حڪومتي ڪوششن ۾ تعاون ڪندڙ اي?? جي اوز جو ڪردار پڻ ساراهه جوڳو آهي، فلسطين ۽ لبنا?? جي پاڙيسري ملڪن ۾ پاڪستاني سفير پاڪستان پاران موڪلي ويندڙ شي?? جي پهچ کي تيز ۽ يقيني بڻائڻ ۾ پنهنجو موثر ڪردار ادا ڪن. وزيراعظم چيو ته ڏينهون ڏينهن وڌندڙ اسرائيلي جارحيت پوري خطي کي پنهنجي لپيٽ ۾ وٺي رهي آهي، عالمي قوتون اسرائيل کي معصوم ماڻه?? جي نسل ڪشيءَ کان فوري طور تي روڪين، تاريخ گواهه آهي ته 20هين صديءَ ۾ عالمي جنگين جو وڏو سبب عالمي قوتن پاران اهڙن تڪرارن تي خاموش هيون. اجلاس ۾ اين ڊي ايم اي ۽ پرڏيهي وزارت وزيراعظم کي امدادي شي?? جي رستن، په?? جي ذريعن ۽ شي?? جي تفصيل کان آگاهه ڪيو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته 8 آڪٽوبر 2023ع کان هيستائين امدادي شين جا 12 ڪارگوز فلسطين ۽ لبنان موڪليا ويا آهن، انهن ڪارگوز ۾ 6 چارٽر، 3 پاڪ فضائيه جون خصوصي اڏامون ۽ 3 ڪارگوز سامونڊي رستي موڪليا ويا. موڪلي ويندڙ شين ۾3145 خيما، 12625 ڪمبل سميت کاڌي پيتي جون شيون، خشڪ کير ۽ دوائون شامل آهن. وڌيڪ 3 هزار خيما ۽ 12 هزار ڪمبل ايندڙ ٽن اڏام?? جي ذريعي موڪليا پيا وڃن. وزيراعظم کي اي?? جي اوز پاران موڪلي ويندڙ شي?? جي تفصيل کان پڻ آگاهه ڪيو ويو. اجلاس ۾ وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته فلسطيني ميڊيڪل شاگردن جو پهريون گروپ لاهور پهچي چڪو جڏهن ته ٻيو گروپ پڻ گذريل ڏينهن ا??لا?? آباد پهچي ويو. وزيراعظم هدايت ڪئي ته ميڊيڪل سان گڏوگڏ ٻين شعبن ۾ پڻ شاگرد?? جي پاڪستا?? جي يونيورسٽين ۾ تعليم جي لاءِ قدم يقيني بڻايا وڃن. وزيراعظم هدايت ڪئي ته امدادي شي?? جي مقدار کي وڌايو وڃي خاص طور تي موڪلي ويندڙ شين ۾سرديءَ کان بچاءُ جا فائر پروف خيما ۽ ڪمبل وڏي انگ ۾ شامل ڪيا وڃن. وزيراعظم اها به هدايت ڪئي ته موڪلي ويندڙ شي?? جي معيار تي ڪنهن به قسم جو ٺاهه نه ڪيو وڃي. اجلاس ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، وفاقي وزيرن احسن اقبال، احد خان چيما، عطاءُ الله تارڙ، وزيراعظم جي صلاحڪار راڻا ثناءُ الله، خاص معاون طارق فاطمي، هايئر ايجوڪيشن ڪميش?? جي چيئرمين، اين ڊي ايم اي چيئرمين ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.