ڪراچي-07 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ڪراچيءَ جي ايئرپورٽ ويجهو ڌماڪي جي مذمت ڪ??دي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه کان واقعي جي رپورٽ طلب ڪري ورتي. بلاول هائوس جي ميڊيا سيل جي بيان موجب پ پ چيئرمين، وڏي وزير کي امن امان قائم ڪرڻ کي يقيني بڻائڻ جا جوڳا قدم کڻڻ جي به ??دا??ت ڪئي. بلاول ڀٽو زرداري ڌماڪي ۾ فوت??ن جي خاندانن سان دلي تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ زخمين لاءِ جلد صحتيابيءَ جي دُعا ڪئي. هن دهشتگردي ۽ انتهاپس??دي جي خاتمي لاءِ جاري ڪوششن جي حمايت جاري رکڻ جو ورجاءُ ڪيو.