نيويارڪ- 28 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان، چين، ??يران ۽ روس افغانستان جي سرزمين تان پيدا ٿيل سيڪيورٽي چئلينجز خاص ڪري دهشتگردي جي خطري تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي افغان عبوري حڪومت تي زور ڀريو آهي ته هو دهشتگردي خلاف ڪارروائي ڪري ۽ سمورن دهشتگرد گروهن جو خاتمو ڪري، افغان سرزمين کي پنهنجي پاڙيسرين، ??طي ۽ ان کان ٻاهر استعمال ٿيڻ کان روڪي. نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي جنرل اس??مب??ي جي 79 هين اجلاس جي موقعي تي پاڪستان، چين، ??يران ۽ روس جي گروپ جو ٽيون وزارتي اجلاس منعقد ٿيو جنهن ۾ دفاع واري وزير خواجه محمد آصف پاڪستان جي نمائندگي ڪئي. اجلاس ۾ افغانستان جي صورتحال ۽ افغانستان ۾ امن، ??لامتي ۽ استحڪام کي هٿي ڏيڻ جي ڪوششن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪ??ي وئي. اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙن افغانستان جي سرزمين تان پيدا ٿيندڙ سيڪيورٽي چئلينجز خاص ڪري دهشتگردي جي خطري تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ۽ افغان عبوري حڪومت تي زور ڀريو ته هو دهشتگردي خلاف ڪارروائي ڪري ۽ سمورن دهشتگرد گروهن جو خاتمو ڪري ۽ افغان سرزمين کي پنهنجي پاڙيسرين، ??طي ۽ ان کان ٻاهر استعمال ٿيڻ کان روڪي. اجلاس ۾ افغانستان سان رابطن جي اهميت تي پڻ زور ڀريو ويو ۽ افغانستان جي حالتن کي معمول تي آڻڻ ۽ ان جي مختلف چئلينجز کي جامع انداز ۾ منهن ڏيڻ لاءِ علائقائي ڪوششن کي م??بو?? بڻائڻ لاءِ چئني ملڪن وچ ۾ ويجهو تعاون جاري رکڻ تي پڻ زور ڀريو ويو.