اسلام آباد-25 سيپٽمبر (اي پي پي) ايشيائي ترقياتي بئنڪ مالي سال 2025ع دوران ملڪ جي مجموعي قومي پيداوار ۾ 2.8 سيڪڙو جي اؤسر جي اڳڪٿي ڪندي چيو آهي ته مالي سال 2024ع ??وران پاڪستان جي معيشت ۾ بحالي آئي آهي جنهن جو وڏو ڪارڻ زرعي آمدني ۾ واڌ ۽ پرڏيهه مان آيل ناڻي ۾ بهتري اچڻ آهي، اها ڳالهه ايشيائي ترقياتي بئنڪ طرفان ڪالهه ايشيئن ڊولپمينٽ اپ ڊيٽ جي نالي سان جاري ڪيل رپورٽ ۾ چئي وئي آهي. رپورٽ مطابق مالي سال 2024ع ??يڪو 30 جون 2024ع ??ي ختم ٿيو، ان ۾ پاڪستان جي مجموعي ملڪي پيداوار ۾ 2.4 سيڪڙو جي شرح سان اؤسر ٿي. رپورٽ ۾ ٻُڌايو ويو آهي ته مالي سال 2025ع ۾ پاڪستان جي، جي ڊي پي وڌيڪ 2.8 سيڪڙو تائين وڌڻ جو امڪان آهي ??ڏه?? ته مهانگائي جي شرح ۾ ??هٽ??ائي جو به امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته معاشي چئلينجن وچ ۾ پاڪستان لاءِ معاشي سڌارن جي پروگرام تي عمل پيرا رهڻ، ڪُلي ??عيشت جي استحڪام کي مضبوط ڪرڻ ۽ ترقيءَ جي مسلسل بحاليءَ لاءِ انتهائي اهم هوندو. پاڪستان ۾ ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي ڪنٽري ڊائريڪٽر ينگ يي ٻُڌايو ته پاڪستان جي معاشي ترقيءَ جا امڪان ان ڳالهه تي ڀاڙين ٿا ته ملڪ ۾ اقتصادي سڌارن کي ڪنهن حد تائين مستقل مزاجي سان لاڳو ڪيو وڃي ٿو ته جيئن معيشت کي مستحڪم ڪري سگهجي ۽ مالي ۽ پرڏيهي ذخيرن ۾ اضافو ڪري سگهجي. هن چيو ته پاڪستان کي عوامي ماليات کي مستحڪم ڪرڻ، سماجي خرچن جي تحفظ ۾ اضافي، رياستي ملڪيتي ادارن جي مالي خطرن کي گهٽ ڪرڻ ۽ نجي شعبي جي قيادت ۾ ترقيءَ کي هٿي ڏيڻ لاءِ ڪاروباري ماحول کي بهتر بنائڻ جي ضرورت آهي. رپورٽ ۾ ٻُڌايو ويو آهي ته مالي سال 25ع ۾ معاشي ايڊجسٽمينٽ پروگرام جو لاڳو ڪرڻ معاشي سرگرمين ۾ وڌيڪ بهتري جو سبب بڻجندو ڇاڪاڻ ته ان سان معيشت کي وڌيڪ مستحڪم مائڪرو اڪنامڪ ماحول فراهم ٿي سگهندو، ??ڏه?? ته نجي سيڙپڪاريءَ کي هٿي ڏيڻ لاءِ بهتر معاشي حالتن جي ضرورت پوندي، جن ۾ پرڏيهي مٽاسٽا جي ناڻي تائين آسان پهچ شامل آهي، جنهن سان مينيوفيڪچرنگ ۽ خدمتن جي شعبي کي به فائدو پهچندو. رپورٽ ۾ ٻُڌايو ويو آهي ته مالي سال 24ع ۾ مهانگائيءَ جي سراسري شرح ۾ ??هٽ??ائي آئي آهي ۽ جاري مالي سال دوران پڻ ان ۾ وڌيڪ ??هٽ??ائيءَ جو امڪان آهي. مالي سال 24ع ??ي پهرين ڇهه ماهي ۾ مهانگائي جي شرح وڌيڪ رهي پر بعد ۾ خاص طور تي چوٿين ٽه ماهي ۾ ??هٽ??ائي آئي. اها ??هٽ??ائي کاڌي پيتي جي قيمتن ۾ ??هٽ??ائي سبب ٿي، جنهن جو بنيادي سبب زرعي پيداوار ۾ اضافو هو. مالي سال 25ع ۾ مهانگائي جي شرح وڌيڪ گهٽ هئڻ جو امڪان آهي جنهن جو وڏو ڪارڻ مناسب مالياتي پاليسي، مٽاسٽا جي شرح ۾ استحڪام ۽ عالمي غذائي قيمتن جي مستحڪم اڳڪٿي ٻُڌائي پئي وڃي.