راولپنڊي – 06 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ پاڪس??ان جي دفاع جي ڏهاڙي جي موقعي تي ڪيپٽن احمد بدر شهيد جي گهر ويو ۽ شهيد جي والد ڪرنل رٽائرڊ بدرالدين ۽ ٻين پونئيرن سان ملاقات ڪئي. اطلاعات واري وفاقي وزير ان موقعي تي ڪيپٽن احمد بدر شهيد جي گهرڀاتين ??ان تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ شهيد جي درجن ج?? بلندي لاءِ دعا ڪئي. گهرڀاتين ??ان ڳالهائيندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ڪيپٽن احمد بدر شهيد اسان ج?? فخ?? آهي، قوم سندس قرباني ڪڏهن به نه وساريندي. هن چيو ته شهيدن ج??ن قربانيون ڪڏهن به رائيگان ناهن وينديون. وفاقي وزير چيو ته شهيد جو والد هڪ عظيم ۽ باهمت پيءُ هجڻ جو ثبوت ڏنو، پنهنجي پٽ جي شهادت تي جنهن جذبي جو اظهار ڪيو، پوري قوم کي ان تي فخ?? آهي. ملڪ جي لاءِ اهڙو جذبو اڳ ۾ ڪڏهن به نه ڏٺو ويو. هن چيو ته اڄ اسان پنهنجي گهرن ۾ محفوظ آهيون ته اهو احمد بدر شهيد جهڙن شهيدن ج?? قربانين ج?? ڪري ??هي. وفاقي وزير چيو ته حڪومت ۽ پاڪ فوج خوارجي فتني جي خاتمي جي لاءِ پرعزم آهي، خوارجي فتني کي پاڙ کان پٽي اڇلائينداسين. هن چيو ته 27 رمضان المبارڪ تي هن ملڪ جو وجود ۾ اچڻ ان ڳالهه جي دليل آهي ته هي ملڪ پاڪس??ان قيامت تائين قائم رهندو. هن چيو ته تاريخ ۾ اسلام جي نالي تي ٻه هجرتون ٿيون، هڪ هجرت مدينه ۽ هڪ هجرت 1947ع ۾ پاڪس??ان جي لاءِ ٿي، هي ملڪ عظيم قربانين ??ان حاصل ٿيو. هن چيو ته شهيدن ج?? اسان تي قرض آهي، الله تعاليٰ ڪيپٽن احمد بدر شهيد جي طفيل اسان کي به توفيق ڏي ته اسان هن ملڪ جي خدمت ڪري ??گهون. شهيد احمد بدر جي والدين کي سلام پيش ڪريون ٿا. ان موقعي تي ڪيپٽن احمد بدر شهيد جي والد ڪرنل رٽائرڊ بدرالدين ڳالهائيندي چيو ته مون کي فخ?? آهي ته آئون هڪ شهيد جو والد آهيان، جنهن دليريءَ ۽ جرئت سان منهنجي پٽ شهادت کي ڳلي لڳايو ان سان منهنجو ڳاٽ فخ?? سان بلند ٿي ويو. هن چيو ته شهادت کان اڳ منهنجي پٽ کي ان ج?? ساٿي چيو ته دشمن بلڪل سامهون آهي، پٺتي هٽي وڃو، پٽ چيو ته جيڪڏهن آئون پٺتي هٽي ويس ته قوم ۽ فوج کي ڪهڙو جواب ڏيندس. هن چيو ته پوري قوم منهنجي پٽ جي شهادت تي جن جذبن ج?? اظهار ڪيو ان تي پوري ملڪ جو دل سان ٿورائتو آهيان. ان کان اڳ اطلاعات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ ڪالهه جمعي ڏينهن راولپنڊي ۾ موجود ڪيپٽن احمد بدر شهيد جي گهر پهتو ته ڪيپٽن احمد بدر شهيد جي والد ڪرنل رٽائرڊ بدرالدين ۽ ٻين پونئيرن سان ملاقات ڪئي ۽ انهن کي گلي لڳايو ۽ شهيد ڪيپٽن احمد بدر کي خراج عقيدت پيش ڪيو.