اسلام آباد – 30 – جون (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري جاپاني حڪومت جي دعوت تي پهرين جولاءِ کان 4 جولاءِ تائين جاپان جو دورو ڪندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب پرڏيهي وزير جو دورو جاپان سان گهڻي وقفي کانپوءِ قيادت جي سطح تي رابطن جي بحالي جو اشارو ڏي ٿو. پرڏيهي وزير دوري دوران پنهنجي جاپاني هم منصب يوشيما ساحياشي سان وفدن جي سطح تي ڳالهه ٻولهه ڪندو. پرڏيهي وزير جاپان جي وزيراعظم فوميو ڪيشيدا سان پڻ ملاقات ڪندو. هو جاپان جي قومي سلامتي جي صلاحڪار ٽيڪيو اڪيبا سان پڻ ملاقات ڪندو. پرڏيهي وزير ايشيائي ت??قي??تي بئنڪ انسٽيٽيوٽ ۾ خطاب ڪندو جيڪا ج??پان جي هڪ مشهور ٿنڪ ٽينڪ آه??. پاڪستان ۽ جاپان جا ڊگهي عرصي کان لاڳاپا قائم آه?? جن جي خصوصيت گر??جو??ي، دوستي ۽ مسئلن تي هڪ جهڙا خيال آه??. پرڏيهي وزير جي جاپان ۾ پاڪستاني افرادي قوت جي درآمد ب??بت ناليوارن بزنس هائوسز ۽ ادارن جي نمائندگي ڪندڙ سينيئر عملدارن ۽ ايگزيڪيوٽوز سان ڳالهه ٻولهه پڻ متوقع آه??.