اسلام آباد – 08 – جون (اي پي پي) پاڪستان چيو آهي ته هو گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي منصفاڻي ۽ پرامن حل جي لاءِ ڪشميرين جي سياسي?? سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چ??و ته 4 جون تي جارحيت جو شڪار معصوم ٻارن جو عالمي ڏينهن ملهايو ويو. هن چ??و ته هي ڏينهن اسان کي ڪشميري ٻارن جي خراب حالت جي ياد ڏياري ٿو جيڪي ڀارتي فوج جي مسلسل گهيراءُ ۽ وحشياڻي ڏاڍ جي ڪري مسلسل مشڪلا??ن جو شڪار آهن. ترجمان چ??و ته ڪشميري ٻارن جي هڪ پوري نسل خوف، تشدد ۽ ڏاڍ جي ماحول ۾ وڏي ٿي آهي، ڪشميري يتيم ٻار معاشي مشڪلاتن، اڪيلائپ ۽ نفسياتي صدمي جو پڻ شڪار آهن. هن چ??و ته ڀارتي فورسز پاران پيلٽ، گولين ۽ ڳوڙها آڻيندڙ گئس جي گولن سان هڪ وڏي انگ ۾ شاگرد ٻار زخمي ٿيا، انهن مان ڪيترائي اکين جي نور کان مڪمل يا ??زو?? طور تي محروم ٿي چڪا آهن. هن چ??و ته گڏيل قومن ڀارت تي زور ڏنو آهي ته هو ٻارن جي تحفظ جي لاءِ احتياطي تدبيرون اختيار ڪري جن ۾ ٻارن جي خلاف ڇَرن جو استعمال بند ڪرڻ پڻ شامل آهي. ترجمان چ??و ته اسان ڀارت تي زور ڏيون ٿا ته هو ان مطالبي تي عمل ڪري ۽ ڪشمير جي ٻارن کي تشدد، بي گهر ٿيڻ ۽ صدمي کان بچائي. ترجمان ان عزم جو ڀرپور ورجاءُ ڪ??و ته پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي منصفاڻي ۽ پرامن حل جي لاءِ پنه??جي ڪشميرين ڀائرن ۽ ڀينرن جي سياسي?? سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو.