اسلام آباد – 01 – مئي (اي پي پي) حڪومت قومي صنعتي لاڳاپا ڪميشن (اين آءِ آر سي) جي 8 ميمبرن جي مقرري ڪري ڇڏي جنهن جو ا??لا??ات ۽ نشريات واري وزارت وفاقي ڪابينا جي منظوري جي روشني ۾ باضابطا نوٽيفڪيشن ج??ري ڪري ڇڏ??و آهي. ا??لا??ات واري وزارت پاران ج??ري نوٽيفڪيشن موجب 8 شخصيتن جي اين آءِ آر سي جي ميمبرن طور مقرري ڪئي وئي آهي انهن ۾ رٽائرڊ سول سرونٽ سيد نورالحسنين، رٽائرڊ ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ج??ن عبدالقيوم، سهيل اڪرم، محمد زبير خان ۽ شبير حسين اعواڻ کي ميمبر مقرر ڪيو و??و آهي. وڪيلن مان محمد سراج الاسلام خان، عبدالغني ۽ منور حسين طوري پن اين آءِ آر سي جي مقرر ٿيندڙ ميمبرن ۾ شامل آهن. ڪابينا ا??لا??ات واري وزارت جي سمري تي انهن خالي جاين تي مقررين جي منظوري ڏني هئي. ياد رهي ته اهي عهدا 9 مهينن کان خالي ??ئا. صنعتي تڪرارن جي حل لاءِ ڪميشن قائم ڪئي وڃي ٿي، اها ڪميشن پورهيتن جي انجمنن جي پڻ رجسٽريشن ڪري ٿي. مزدورن جي حقن جي تحفظ ۽ انهن جي حالتن جي بهتري لاءِ قائم اين آءِ آر سي ا??لا??ات واري وزارت جو ذيلي ادارو آهي. اها اين آءِ آر سي انڊسٽريل ريليشنز ڪميشن (آئي آر اي) جي سيڪشن 53 تحت قائم ڪئي وڃي ٿي. مزدورن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي وزيراعظم محمد شهباز شريف جو اهو مزدورن ۽ پورهيتن جي لاءِ هڪ تحفو آهي.