اسلام آباد – 11 – مئي (اي پي پي) پاڪستان چيو آهي ته پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري شنگهائي ??عا??ن تنظيم (ايس سي او) جي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي اجلاس ۾ شنگهائي ??عا??ن تنظيم جي خطي ۾ امن ۽ خوشحالي جي لاءِ پاڪستان جي ويزن کي اجاگر ڪيو. پرڏيهي وزير اجلاس ۾ ان ڳالهه تي زور ڏنو ته هڪطرفي ۽ غيرقانوني قدم عالمي قانون ۽ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن جي خلاف ورزي ۽ شنگهائي ??عا??ن تنظيم جي مقصدن جي منافي آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتازه زهره بلوچ هفتيوار پريس بر??فن?? ۾ چيو ته پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ڀارت جي شهر گووا ۾ ايس سي او پاران پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي اجلاس ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪئي. اجلاس جي ايجنڊا ۾ علائقائي سلامتي، اقتصادي ??عا??ن ۽ رابطن جي مسئلي سان گڏوگڏ عالمي اقتصادي ۽ سياسي اڳڀرائي تي شنگهائي ??عا??ن تنظيم جي موقف تي ڳالهه ٻولهه شامل هئي. ترجمان چيو ته پرڏيهي وزير شنگهائي ??عا??ن تنظيم جي اجلاس ۾ امن ۽ خوشحالي جي لاءِ پاڪستان جي موقف کي اجاگر ڪيو ۽ خطي ۾ موثر ٽرانسپورٽ، ڪوريڊورز ۽ ڀروسي جي قابل سپلائي چين جي تعمير جي تجويز پيش ڪئي. ان سان گڏوگڏ هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته سي پيڪ علائقائي رابطن جي لاءِ هڪ قوت ثابت ٿي سگهي ٿو. ترجمان وڌيڪ چيو ته پرڏيهي وزير دهشتگردي جي لعنت جي خاتمي لاءِ جامع ۽ اجتماعي موقف تي زور ڏنو ۽ چيو ته سفارتي پوائنٽ اسڪورنگ جي لاءِ دهشتگردي کي هٿيار نه بڻائڻ گهرجي. هن ڄاڻي واڻي اش??عا?? انگيز ۽ نفرت تي اتساهڻ جي به مذمت ڪئي ۽ فاشسزم جي خلاف گڏيل جدوجهد تي زور ڏنو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پرڏيهي وزير ايس سي او جي اجلاس جي موقعي تي چين، روس، قزاقستان، ازبڪستان، تاجڪستان ۽ ڪرغزستان جي هم منصبن ۽ شنگهائي ??عا??ن تنظيم جي سيڪريٽري جنرل سان پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي. هن چيو ته پرڏيهي وزيرن جي اجلاس پاڪستان کي شنگهائي ??عا??ن تنظيم سان پنهنجي ??انڍاپي جو مظاهرو ڪرڻ ۽ اهم علائقائي ۽ عالمي مسئلن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پنهنجو ويزن پيش ڪرڻ جو اهم موقعو فراهم ڪيو. ترجمان چيو ته 2017ع ۾ شنگهائي ??عا??ن تنظيم جو ميمبر بڻجڻ کانپوءِ پاڪستان ايس سي او جي سڀني سرگرمين ۾ فعال ۽ تعميري طور تي حصو ورتو آهي ۽ ان شنگهائي ??عا??ن تنظيم جي ??هڻ رخي شعباجاتي ايجنڊا جي پيروي ۾ ??عا??ن وڌائڻ جي لاءِ ڪم ڪيو آهي.