اسلام آباد – 07– اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ملڪ ۾ احتياطي صحت جي سهولتن جي فروغ تي ڌيان ڏي?? جي ضرورت تي زور ڏيند?? چيو آهي ته پاڪستان محدود وسيلن جي ڪري 22 ڪروڙ آبادي جي صحت جي ضرورتن کي علاج جي طريقن سان پورو ڪرڻ کي برداشت نه ٿو ڪري سگهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار ايوان صدر ۾ هيلٿ سروسز اڪيڊمي جي سينيٽ جي چوٿين اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ هيلٿ سروسز اڪيڊمي جي سينيٽ جي ميمبرن ۽ ??ين لاڳاپيل ع??لدارن شرڪت ڪئي. صدر چيو ته احتياطي تدبيرون اختيار ڪري گه??ين بيمارين کان بچي سگهجي ٿو، احتياطي صحت جو طريقيڪار سستو آهي ۽ اهو بيمارين جو بار گهٽ ڪرڻ ۾ مدد ڏيندو. هن چيو ته پاڪستان کي عوامي صحت جي شعبي کي بهتر بڻائ?? جي لاءِ هدفن تي ٻڌل منصوبابندي ڪر?? جي ضرورت آهي. ڊاڪٽر عارف علو?? چيو ته احتياطي صحت ملڪي صحت جي پاليسي جي ترجيح هجڻ گهرجي، ڪجهه ملڪن احتياطي صحت تي ڌيان ۽ انساني وسيلن جي فڪري ترقي تي سيڙپڪاري سان صحت جي شعبي ۾ زبردست بهتري آندي آهي. اجلاس کي گلوبل وارمنگ ۽ موسمياتي تبديلين جي اثرن بابت پڻ ٻڌايو ويو. اجلاس جي شرڪت ڪندڙن کي ٻڌايو ويو ته وڌندڙ گرمي پد سان بيمارين جي بار ۾ اضافي جو خدشو آهي. اجلاس ۾ عوامي صحت جي شعبي ۾ تحقيق ۽ ترقي جي لاءِ عالمي فنڊنگ حاصل ڪر?? جي ضرورت تي زور ڏيند?? چيو ويو ته ملڪي صحت جي پروگرامن ۽ اڪيڊمي جي مستقبل جي مالي ضرورتن کي پورو ڪر?? جي لاءِ وسيلا متحرڪ ڪر?? جي حڪمت عملي تيار ڪر?? جي ضرورت آهي. اجلاس ۾ عوامي صحت جي لاءِ قومي منصوبو جوڙ?? جي اهميت تي پڻ زور ڏنو ويو. اجلاس ۾ هيلٿ سروسز اڪيڊمي جي ٽئين سينيٽ اجلاس جي منٽنس جي پڻ توثيق ڪئي وئي.