اسلام آباد – 16 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته ??مرا?? خان پاڪستان جي تشخص کي پائمال ڪرڻ چاهي ٿو، سندس گرفتاري سان حڪومت جو ڪو تعلق نه آهي، نه ئي ان جي گرفتاري جو چونڊن ۾ دير سان ڪو تعلق آهي. عالمي نشرياتي اداري ”اسڪائي نيوز“ سان ڳالهائيندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ??مرا?? خان قانون سان تعاون ڪرڻ بدران مسلسل قانون شڪني ڪري رهيو آهي، پوليس رڳو عدالتي حڪ??ن تي عملدرآمد ڪري رهي آهي، ان تي ڪرپشن جا ڪيس آهن ۽ ان کي گرفتار ڪري عدالت ۾ پيش ڪرڻو آهي. هن چيو ته پوليس وٽ ڪنهن به قسم جو ڪو اسلحو نه آهي، پوليس عدالتي حڪ??ن تي عملدرآمد ڪرڻ جي لاءِ زمان پارڪ ۾ موجود آهي جتي پوليس تي بمن سان مسلسل حملا ٿي رهيا آهن. هن وقت تائين ڊي آءِ جي آپريشنز لاهور سميت 65 پوليس اهلڪار زخمي ٿي چڪا آهن. هن چيو ته ??دالت پاران جاري وارنٽ گرفتاري تي پوليس اسلحي کانسواءِ عمرا?? خان کي گرفتار ڪرڻ جي لاءِ زمان پارڪ ۾ موجود آهي، عمرا?? خان کي ذميواري کان ڪم وٺڻ گهرجي. هن چيو ته ??مرا?? خان مسلسل ڪوڙ ڳالهائي رهيو آهي، عمرا?? خان چوي ٿو ته کيس سيڪيورٽي خطرا آهن ۽ انهي لمحي چوي ٿو ته هو سياسي جلسو ڪرڻ جي لاءِ تيار آهي، جڏهن عدالت کيس ڪيسن ۾ پيش ٿيڻ جو چوي ٿي ته ??مرا?? خان سيڪيورٽي خطرن جو بهانو بڻائي ٿو. هن چيو ته ??مرا?? خان پاڪستان ۾ گهرو ويڙهه، سول وار ۽ افراتفري چاهي ٿو، هو ماڻهن کي تشدد جي لاءِ ڀڙڪائي رهيو آهي، پوليس جڏهن عمرا?? خان کي گرفتار ڪرڻ اچي ٿي ته هو عورتن ۽ ٻارن کي پوليس آڏو بيهاري ڇڏي ٿو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پاڪستان جي موجوده خراب معاشي صورتحال جو ذميوار عمرا?? خان آهي، عمرا?? خان ملڪ کي ڊيفالٽ جي ويجهو پهچايو، عمرا?? خان مارچ 2022ع ۾ پنهنجي صحيح ڪيل آءِ ايم ايف پروگرام جي خلاف ورزي ڪئي. هن چيو ته ??مرا?? خان جا گرفتاري وارنٽ ان جي خلاف ڪرپشن جي ڪيسن ۾ جاري ٿيا آهن، عمرا?? خان پنهنجي چار سالن ۾ پنهنجي سياسي مخالفن تي ڪوڙا ڪيس ٺاهيا، انهن کي جيلن ۾ وڌو، هو جڏهن وزيراعظم هو ته پنهنجي سياسي مخالفن جا گرفتاري وارنٽ پاڻ جاري ڪرائيندو هو، هُن پاڪستان جي تشخص کي پائمال ڪرڻ چاهيو ٿي، عمرا?? خان وزارت عظميٰ جي عهدي تي ويهي ميڊيا سان پڻ اڻوڻندڙ سلوڪ ڪيو.