ڪرا??ي ?? 14 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اڄ اڱاري ڏينهن هڪ ڏينهن جي دوري تي ڪر??چي پهچندو. وزيراع??م آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم پاڪستان نيوي جي اهتمام هيٺ جاري عالمي گڏيل سامونڊي مشقن جو معائنو ڪندو، جنهن ۾ 50 کان وڌيڪ ملڪن جي سامونڊي فوجن جا دستا شريڪ ٿي رهيا آهن. هر ٻن سالن کانپوءِ ??يندڙ انهن مشقن جو بنيادي مقصد سامونڊي ڌاڙيلن، دهشتگردن، منشيات ۽ هٿيار اسمگلرن جي خلاف موثر گڏيل حڪمت عملي جوڙڻ آهي. وزيراعظم کي ان سلسلي ۾ بريفنگ ڏني ويندي. ان موقعي تي وزيراعظم سامونڊي ڌاڙيلن جي خلاف گڏيل ڪارروائي جو مظاهرو ڏسڻ کانسواءِ ??ين سامونڊي مشقن ۽ پيشيواراڻي مهارتن جو مشاهدو به ڪندو.