اسلام آباد – 08 – فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته ??وجوده حڪومت ٿيلسيميا کان متاثر ٻارن جي ڀلائي جي لاءِ هر وقت ڪوشش ڪري رهي آهي، حڪومت انهن ٻارن ??ان گڏ بيٺل آهي ۽ انهن کي ڪڏهن به رت جي کوٽ ٿيڻ نه ڏينداسين. هو پاڪستان سوئيٽ هوم بلڊ بئنڪ پاران پارليامينٽ هائوس ۾ رت جي عطيي واري ڪئمپ جي دوري جي موقعي تي ڳالهائي رهي هئي. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب ٻين شرڪت ڪندڙن ??ان گڏ نمايان ڪارڪردگي تي سرٽيفڪيٽس پڻ ورهايا. اطلاعات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو ته اڄ پارليامينٽ هائوس ۾ پاڪستان سوئيٽ هوم بلڊ بئنڪ پاران رت جي عطيي واري ڪئمپ اظهار ڪري ٿي ته ا??ان سڀ پارليامينٽرينز زمرد خان جي ان نيڪ ۽ عظيم مشن ۾ ان ??ان گڏ بيٺل آهيون، بنا ڪنهن شڪ جي ا??ان اهو ڏسون ٿا ته ??ر جڳهه تي سٺن ڪمن ۾ زمرد جو نالو پهرين صف تي اچي ٿو ۽ انهي لاءِ الله تعاليٰ ان جي هر ڪم ۾ برڪت وڌي آهي، زمرد خان ۽ سندس پوري ٽيم مبارڪباد جي مستحق آهي، يقينن توهان ا??ان جا هيروز آهيو ۽ ا??ان سڀني جي لاءِ مشعل راهه آهيو. هن چيو ته ??يلسيميا کان متاثر ٻارن جي لاءِ رت جو عطيو جم?? ڪري مستحق مريضن تائ??ن مفت فراهمي کي يقيني بڻائڻ يقينن هڪ عظيم ڪم آهي، پارليامينٽرينز جي وڏي انگ ۾ رت جو عطيو ڏيڻ ملڪ ??ان محبت جو عملي اظهار آهي ۽ ثابت ڪري ٿو ته ا??ان جي پارليامينٽ هر قسم جي قربانين جي لاءِ هر وقت ڪوشش ڪري رهي آهي، آئون سمورن پاڪستانين ۽ عوام کي اپيل ڪنديس ته زمرد خان جي ان نيڪ مشن ۾ ان جو ساٿ ڏين. زمرد خان خطاب ڪندي چيو ته اڄ مون کي اهو ڏسي تمام گهڻي خوشي ٿي ته ا??ان جي هي مقدس پارليامينٽ ۽ هي ايوان انسانيت جي بي لوث خدمت ۾ ڪنهن کان گهٽ نه آهي، آئون سمورن پارليامينٽ ميمبرن سميت اعليٰ آفيسرن ۽ خاص طور تي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف جو تمام گهڻو ٿورائتو آهيان جنهن اڄ منهنجي آواز تي لبيڪ چيو ۽ معصوم زندگيون بچائڻ جي لاءِ ان عظيم مشن ۾ منهنجو ڀرپور ساٿ ڏنو، هي ايوان ۽ ان جي ميمبرن ٻئي اسٽاف ۽ آفيسرن مشڪل جي هر گهڙيءَ ۾ پنهنجي ماڻهن جي تحفظ، حقن ۽ پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي ۾ پهرين صف جو ڪردار ادا ڪيو. هن چيو ته رت جو عطيو ڏيڻ عظيم صدقه جاريه ۽ عين عبادت آهي، ا??ان جي هوندي ٿيلسيميا، هيموفيليا ۽ بلڊ ڪينسر جي مرض ??ان جنگ وڙهندي معصوم ٻار اڪيلا نه آهن، انهن ٻارن جي لاءِ جيڪڏهن مون کي پو??ي پاڪستان ۾ به وڃڻو پيو ته شهر شهر وڃي انهن جي لاءِ رت جو عطيو جم?? ڪندس، پاڪستان سوئيٽ هوم نه رڳو هزارين يتيم ٻارن جون زندگيون بدلائي رهيو آهي پر لکين ٿيلسيميا ۽ هيموفيليا جي مرض ??ان جنگ وڙهندڙ ٻارن جي لاءِ جيئڻ جي اميد به آهي جن کي پنهنجي زندگي جيئڻ جي لاءِ مسلسل رت جي عطيي جي سخت ضرورت آهي. ان موقعي تي آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي وزيراعظم سردار تنوير الياس خان، قانون واري مملڪتي وزير شاهد حسين، وزيراعظم جي خاص معاون امير مقام، اين ايم اي ڊاڪٽر افضل خان ڍانڍلا، ايم اين اي علي زاهد، ايم اين اي شمس الاسلام، ايم اين اي خان محمد جم??لي، ايم اين اي نديم عباس، ايم اين اي آسيه عظيم، ايم اين اي ڊاڪٽر شهناز، ايم اين اي اسامه قادري، ايم اين اي اظهر قيوم ناهرا، ايم اين اي راڻا مبشر، ايم اين اي اح??ان الله، پارلياماني سيڪريٽري رفيق احمد جم??لي، ايم اين اي ڊاڪٽر نثار چيما، ايم اين اي طاهره اورنگزيب، ايم اين اي محسن رانجها، ايم اين اي ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي، ايم اين اي ناز بلوچ، افضل کوکر، راجا فاروق حيدر، روبينه عرفان، سينيٽر تاج حيدر، سينيٽر مشاهد حسين، ايم اين اي ڪشور زهره، ڊاڪٽر قادر خان مندوخيل سميت ٻين شخصيتن بلڊ ڪئمپ جو دورو ڪيو ۽ زمرد خان جي ان قدم کي ساراهيو.