اسلام آباد – 05 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پوري قوم دهشتگردي جي مڪمل ۽ پاڙ کان خات??ي جي ل??ءِ متحد آهي، شهيد قوم جا محسن آهن، پوري قوم دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ شهيدن جي خدمتن کي سلا?? پيش ڪري ٿي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر خانيوال ۾ فائرنگ ۾ شهيد ٿيندڙ آءِ ايس آءِ جي ??ائ??يڪٽر ۽ انسپيڪٽر جي وارثن سان ٽيليفون تي افسوس جو اظهار ڪيو. هن آءِ ايس آءِ جي ??ائ??يڪٽر محمد نويد صادق سيال شهيد جي گهرواريءَ سان فون تي تعزيت جو اظهار ڪيو. صدر گهرڀاتين جي همت، صبر ۽ بهادري سان صدمو برداشت ڪرڻ تي خراج تحسين پيش ڪيو. صدر انسپيڪٽر ناصر عباس ڀٽي شهيد جي گهرواريءَ سان پڻ فون تي تعزيت جو اظهار ڪيو. صدر شهيد جي قوم جي ل??ءِ خدمتن کي ساراهيو. هن شهيدن جي درجن جي بلندي ۽ گهرڀاتين جي ل??ءِ صبر جميل جي دعا ڪئي. صدر شهيدن کي دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ جان جو نذرانو پيش ڪرڻ تي خراج عقيدت پيش ڪيو. هن چيو ته ڏک جي هن گهڙيءَ ۾ گهرڀاتين سان گڏ بيٺل آهيون. هن چيو ته دهشتگردي جي خلاف پاڪستان جون ڪوششون دنيا جي ل??ءِ هڪ مثال آهي، پوري قوم دهشتگردي جي مڪمل ۽ پاڙ کان خات??ي جي ل??ءِ متحد آهي. هن چيو ته شهيد قوم جا محسن آهن، پوري قوم دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ شهيدن جي خدمتن کي سلا?? پيش ڪري ٿي.