اسلام آباد – 28 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد ش??با?? شريف سان چيف آف آرمي اسٽاف جنرل قمر جاويد باوجوه ڪالهه سومر ڏينهن الوداعي مُلاقات ڪئي، وزيراعظم ش??با?? شريف آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه جي پاڪ فوج، مُلڪي دفاع ۽ قومي مفادن جي لا??ِ خدمتن کي ساراهيو، وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان مُوجب وزيراعظم جيو اڪنامڪس جي اهميت جي حوالي سان جنرل قمر جاويد باجوه جي ڪرد??ر کي ساراهيو، وزيراعظم چيو ته فيٽف جي گري لسٽ مان پاڪستان جو نالو ڪڍرائڻ، ڪورونا وبا ۽ ٻوڏ سميت مختلف بحرانن ۾ جنرل قمر جاويد باجوه جي قيادت ۾ پاڪ فوج مثالي خدمتُون سرانجام ڏنيُون، دهشتگردي جي لعنت کي ڪچلڻ لا??ِ جنرل قمر جاويد باجوه جي قيادت ۾ پاڪ فوج وڏي بهادري، شجاعت ۽ بهادري سان ڪردار ادا ڪيو، هن چيو ته جنرل قمر جاويد باجوه تاريخ جي هڪ مُشڪل دور ۾ پاڪ فوج جي قيادت ڪئي، پاڪستان جي دفاع کي فتح نه ٿيڻ جوڳو بڻائڻ جي لا??ِ جنرل قمر جاويد باجوه اهم ڪردار ادا ڪيو، هن چيو ته مُشڪل علائقائي صورتحال ۾ جنرل قمر جاويد باجوه قائداڻي ڪردار سان سيڪيورٽي چئلينجن کي منهن ڏيڻ لا??ِ هڪ رُخ طئه ڪيو ويو، وزيراعظم چيو ته پاڪستان کي معاشي قوت بڻائڻ جي لا??ِ سمُورين سياسي قوتن کي ميثاق معيشت تي صحيحُون ڪري گڏيل ڏاهپ جو مُظاهرو ڪرڻو پوندو، وزيراعظم آرمي چيف سان ڳالهائيندي چيو ته توهان کي دُنيا جي بهترين فوج جي قيادت ڪرڻ جو اعزاز حاصل ٿيو، آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه قومي معاملن کي سرانجام ڏيڻ ۾ ڀرپُور تعاون تي وزيراعظم جا ٿورا مڃيا، وزيراعظم محمد ش??با?? شريف جنرل قمر جاويد باجوه جي مان ۾ مانجهاندو به ڏنو، آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه سرڪاري معاملا سرانجام ڏيڻ ۾ ڀرپُور تعاون تي وزيراعظم ش??با?? شريف جا ٿورا مڃيا.