اسلام آباد – 24 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف گهرو وزارت ۽ پرڏيهي وزارت کي سينيئر صحافي ارشد شريف جي م??ت جلد وطن واپس آڻڻ جون هدايتون جاري ڪري ڇڏيون آهن. وزيراعظم آفيس جي م??ڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم جي پرڏيهي سيڪريٽري ۽ گهرو سيڪريٽري کي هد??يت ڪئي ته ميت واپس آڻڻ جو ع??ل تيز ڪيو وڃي ۽ ڪينيا جي عملدارن سان رابطو رکيو وڃي. وزيراعظم پرڏيهي سيڪريٽري ۽ گهرو سيڪريٽري کي هد??يت ڪئي ته اهي م??ت جي وطن واپسي جي سمورن مرحلن ??ي ذاتي طور تي نگراني ڪن.