??سل??م آباد– 03 – آڪٽوبر (اي پ?? پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اڄ سومر ڏينهن ??سل??م آباد ۾ ٻوڏ مت??ثر??ن جي امداد جي لاءِ ريئل ٽائيم مانيٽرنگ جي لاءِ ڊيش بورڊ جو افتتاح ڪندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ڊيش بورڊ جي ذريعي ٻوڏ مت??ثر??ن کي ملندڙ مقامي ۽ عالمي امداد ۽ ان جي ورڇ جي معلومات تائين دنيا جي ڪنهن به حصي مان پهچ ممڪن ٿيندي. ان کانسواءِ ٻوڏ مت??ثر??ن جي امداد ۾ معاونت جي لاءِ ويب سائيٽ، هڪ ٺوس فلڊ ريليف مئنيجمينٽ سسٽم، ٻوڏ سٽيل علائقن ۾ امدادي ڪاررواين ۾ مصروف فيلڊ ورڪرز جي لاءِ ڊيجيٽل ايپليڪيشنز ۽ پاليسي ۽ فيصلاسازي جي لاءِ ايگزيڪيوٽو ڊيش بورڊ پڻ ان فلڊ ريسپانس نظام جو حصو آهي. وزيراعظم ان موقعي تي خطاب پڻ ڪندو.