اسلام آباد – 23 – سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان جي ٻوڏ متاثرين جي لاءِ ٻ??هرئين ملڪن مان امدادي اڏامن جي آمد جاري آهي، هيستائين 123 اڏامون متاثرين جي ل??ءِ امدادي سام??ن کڻي پهچي ويون آهن. پرڏيهي آفيس پاران جاري انگن اکرن موجب ٻوڏ متاثرين جي ل??ءِ هيستائين گڏيل عرب امارات مان 41، ترڪيه مان 13، چين مان 4، ازبڪستان مان هڪ، قطر مان 4، فرانس مان هڪ، يونيسيف جون 3، گڏيل قومن جي پناهگيرن واري اداري (يو اين ايڇ سي آر) جي گڏيل عرب امارات مان هلائڻ واريون 13 اڏامون، ترڪمانستان مان هڪ، اردن جي هڪ، خوراڪ جي عالمي اداري جون 3، آمريڪا جون 21، برطانيا جي هڪ، نيپال جي هڪ، عمان جون 8، روس جي هڪ، يونان جي هڪ ۽ سعودي عرب جون 5 اڏامون امدادي سام??ن کڻي پاڪستان پهتيون آهن. ??ن کانسو??ءِ ٻوڏ متاثرين جي لاءِ ٻ??هرئين ملڪن مان ٻين رستين ذريعي به امدادي سامان پهتو ??هي. ايران جي حلال احمر پاڪست??ن کي ٽرڪن ذريعي 100 ٽن امدادي سامان موڪليو آهي، جڏهن ته ??ن کانسو??ءِ ترڪيه 3 ريل گاڏين جي ذريعي امدادي سامان پاڪستان موڪليو ??هي. ??ن کانسو??ءِ ترڪيه جي حلال احمر 2 ٽرڪن ذريعي امدادي سامان موڪليو ??هي. تاجڪستان 87 ٽرڪن ذريعي ٻوڏ متاثرين جي ل??ءِ امدادي سامان موڪليو ??هي. عمان مان ٻوڏ متاثرين جي ل??ءِ هڪ سامونڊي جهاز به امدادي سام??ن کڻي پاڪستان پهتو ??هي.