اسلام آباد – 09 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف برطانوي هاءِ ڪميشن ويو ۽ ملڪه ا??لز??يٿ ٻه جي لاڏاڻي تي تعزيت ڪئي. وزيراعظم پاڪست??ن ۾ برطانيا جي هاءِ ڪمشنر ڪرسچن ٽرنر سان ملاقات ڪئي ۽ پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام پاران ملڪه برطانيا جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار ڪيو. هن آنجهاني ملڪه ا??لز??يٿ ٻه جي خدمتن کي خراج عقيدت پيش ڪندي هاءِ ڪميشن ۾ رکيل تعزيتي ڪتاب ۾ پنهنجا تاثر پڻ قلمبند ڪيا. سندس ??چڻ تي برطانوي هاءِ ڪمشنر هاءِ ڪميشن جي ٻين آفيسرن سان گڏ وزيراعظم جو استقبال ڪيو. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب پڻ وزيراعظم سان گڏ هئي. ان کان اڳ وزيراعظم برطانوي وزيراعظم لز ٽروس کي پڻ خط لکيو هو ۽ شاهي خاندان، برطانوي حڪومت ۽ عوام سان تعزيت جو اظهار ڪيو. هن چيو ته ملڪه ا??لز??يٿ عوامي مفاد جي لاءِ پنهنجي خدمتن کانسواءِ اتحاد ۽ ڀائيچاري جي علامت هئي. برطانيا ۾ 7 ڏهاڪن تائين سڀ کان ڊگهي عرصي تائين حڪمراني ڪندڙ ملڪه ا??لز??يٿ خميس ڏينهن 96 سالن جي عمر ۾ لاڏاڻو ڪري وئي.