اسلام آباد – 09 ̵1; سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان ۾ تباهي آڻيندڙ ٻوڏ کان متاثر ماڻهن جي لاءِ امدادي سامان کڻي آمريڪا جون ٻه اڏامون پاڪستان پهچي ويون. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب آمريڪا مان ٻن اڏامن مان پهرين فلڊ ر??يف کڻي نور خان ايئربيس راولپنڊي پهتيون. ترجمان موجب آمريڪا مان ٻي امدادي اڏام سکر ايئرپورٽ تي لٿي. انهن اڏامن ۾ ٻوڏ متاثرين جي لاءِ امدادي سامان موجود هو. ترجمان آمريڪا پاران ٻوڏ سٽيلن جي لاءِ امداد جي گرمجوشي ۽ ٿورن ??ان آجيان ڪئي آهي.