اسلام آباد – 08 – سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سان آمريڪي پرڏيهي کاتي جي قونصلر ڊيرڪ چوليٽ ملاقات ڪئي ۽ پا??ست??ن ۾ تباهي آڻيندڙ ٻوڏ سبب ٿيندڙ جاني نقصان ۽ تباهي تي پا??ست??ني عوام سان دلي تعزيت جو اظهار ڪيو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري هن مشڪل گهڙيءَ ۾ آمريڪي پرڏيهي کاتي جي قونصلر جي پا??ست??ن جي دوري تي ٿورا مڃيندي آمريڪي حڪومت پاران حمايت ۽ يڪجهتي جي ڀرپور اظهار کي ساراهيو. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري آمريڪي عهديدار کي آگاهه ڪيو ته پا??ست??ن جو اٽڪل هڪ ڀاڱي ٽي علائقو پاڻي هيٺ آهي، ٻوڏ جي نتيجي ۾ 1300 ??ان وڌيڪ ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن جڏهن ته 3 ڪروڙ 30 لک ??ان وڌيڪ ماڻهو متاثر ٿيا آهن ۽ اهم انفراسٽرڪچر تباهه ٿيو آهي. پرڏيهي وزير چيو ته 40 لک ايڪڙ ??ان وڌيڪ زمين تي پکڙيل فصلون لڙهي ويون ۽ 10 لک جي لڳ ڀڳ چوپايو مال مري ويو آهي. هن چيو ته حڪومت هن وقت ماڻهن جي جان بچائڻ جي لاءِ فوري بچاءُ ۽ امدادي ڪوششن ۾ پوري طرح مصروف آهي، ٻوڏ سان غذائي تحفظ، صحت ۽ معيشت تي ڊگهي مدي وارا اثر سنگين ڳڻتي جو سبب آهن. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته شديد ٻوڏ ??ان متاثر ٿيندڙ لکين ماڻهن جي بحالي، نئين سر تعمير، ڪميونٽيز جي نئين سر تعمير ۽ معاشي اثرن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ تمام گهڻا وسيلا گهربل هوندا. پرڏيهي وزير چيو ته بدقسمتي آهي جو گرين هائوس گئسن جي اخراج ۾ پا??ست??ن جو هڪ سيڪڙو ??ان به گهٽ حصو آهي پر ان کي موسمياتي تبديلين جي شدت کي منهن ڏيڻو پيو. هن آمريڪي حڪومت پاران 31.1 ملين ڊالر جي امداد تي ٿورا مڃيا. پرڏيهي وزير چيو ته تازن مهينن ۾ پا??ست??ن ۽ آمريڪا جي وچ ۾ ڳالهه ٻولهه جي رفتار مستحڪم رهي آهي، پا??ست??ن گڏيل اعتماد ۽ گڏيل احترام جي بنياد تي آمريڪا سان پنهنجي پراڻن لاڳاپن کي وڌيڪ گهرو ۽ وسيع ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي. پرڏيهي وزير موسمياتي تبديلي، توانائي، صحت، واپار ۽ سيڙپڪاري، تعليم ۽ عوام سان عوام جي رابطن جي شعبن ۾ پائيدار تعاون جي اهميت تي زور ڏنو. آمريڪي پرڏيهي کاتي جي قونصلر ڊيرڪ چوليٽ چيو ته آمريڪا ٻوڏ سبب ٿيندڙ تباهي کي منهن ڏيڻ جي ڪوششن ۾ پا??ست??ن جي مدد جي لاءِ پرعزم آهي. هن پرڏيهي وزير سان مختلف شعبن ۾ جاري ڳالهه ٻولهه کي سگهه ڏيڻ ۽ لاڳاپن کي وسيع ۽ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ تعاون جي وڌيڪ شعبن جي ڳولا تي اتفاق ڪيو. آمريڪي پرڏيهي کاتي جو قونصلر 7 ??ان 9 سيپٽمبر تائين پا??ست??ن ۾ هڪ عالمي ايجنسي وفد جي قيادت ڪري رهيو آهي ته جيئن تباهي آڻيندڙ ٻوڏ جي ڏس ۾ پا??ست??ن جي لاءِ آمريڪي حمايت جي توثيق ڪري سگهجي ۽ پا??ست??ن آمريڪا جي وسيع البنياد ۽ پائيدار لاڳاپن کي سگهه ڏئي سگهجي.