اسلام آباد – 15 – مئي (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پ??وي?? اشرف ۽ ڊپٽي اسپيڪر زاهد اڪرم خان دراني اتر وزيرستان جي علائقي ??ير??نشاهه ۾ خودڪش ڌماڪي جي مذمت ڪندي 3 سيڪيورٽي اهلڪارن سميت 6 ماڻهن جي شهادت تي ت??زي?? جو اظهار ڪيو آهي. هتي جاري پڌرائي موجب اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر متاثر خاندانن سان دلي همدردي ??و اظهار ڪندي چيو آهي ته معصوم ٻارن جا قاتل اسلام ۽ انسانيت ٻنهي جا دشمن آهن، انسانيت جي دشمنن کي سختي سان منهن ڏنو ويندو، اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر چيو ته پاڪ فوج جون عظيم قربانيون اسان جي تاريخ جو سنهري باب آهي، پنهنجي شهيدن تي پوري قوم کي فخر آهي، الله تعاليٰ شهيدن جا درجا بلند فرمائي ۽ گهرڀاتين کي ان ناقابل تلافي نقصان کي برداشت ڪرڻ جي لاءِ ??بر جميل عطا فرمائي.