اسلام آباد – 09 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته پيمرا ۾ ٽي وي چينلز جي ??واد کي مانيٽر ڪرڻ ۽ شڪايتن جي حل لاءِ هڪ موثر مڪينزم موجود آهي، پيمرا جي 2015ع جي ڪوڊ آف ڪنڊڪٽ تحت مواد جي ??گراني کي يقيني بڻايو وڃي ٿو، مارننگ شوز کي به ڪوڊ آف ڪنڊڪٽ موجب مانيٽر ڪيو وڃي ٿو. قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ سوالن جوابن جي ??قفي دوران قومي اسيمبلي ميمبر صلاح الد??ن ايوبي جي سوال جو جواب ڏيندي هن چيو ته پيمرا جي ڪوڊ آف ڪنڊڪٽ جا مختلف سيڪشنز آهن، عام عوام کي شڪايتن جي ??ظام تائين پهچ ڏيڻ جي ??اءِ ٽول فري نمبر پڻ فراهم ڪيو ويو آهي ته جيئن ڪا اه??ي شيءَ جيڪا رپورٽ يا مانيٽر نه ٿي هجي، ان تي ايڪشن وٺي سگهجي. هن چيو ته پيمرا جو مانيٽرنگ سيٽ اپ انتهائي موثر آهي، پيمرا جي ريجنل هيڊڪوارٽرز ۾ پڻ شڪايتن جو مڪينزم موجود آهي ته جيئن ڪو به اه??و مواد اچي ته ان جو فوري خاتمو ڪري سگهجي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته لائيو ٽيلي ڪاسٽ ۾ 10 سيڪنڊ جي دير هوندي آهي، ان وقت جي اندر مواد کي ڪيپچر يا مانيٽر ڪري اسڪرين تي آڻڻ کان روڪي سگهجي ??و. هن چيو ته پيمرا جي 2015ع جي ڪوڊ آف ڪنڊڪٽ جي خلاف ورزين، مانيٽرنگ ۽ مڪينز جي حوالي سان جن ٽي وي چينلز کي جنهن مواد تي جيترو ڏنڊ هنيو ويو آهي، ان جي ڊيٽا ميمبرن کي فراهم ڪري ڇڏي آهي، جيڪڏهن ڪٿي ڪوڊ آف ڪنڊڪٽ جي خلاف ورزي ٿي آهي ته اسيمبلي ميمبر آگاهه ڪن، ان معاملي کي ذاتي طور تي ڏسنديس. قومي اسيمبلي ميمبر ڊاڪٽر شازيه ثوبيه جي ضمني سوال تي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته مارننگ شيوز کي ڪوڊ آف ڪنڊڪٽ موجب مانيٽر ڪيو وڃي ٿو، جيڪڏهن ڪو اه??و مارننگ شو آهي جنهن ۾ ڪوڊ آف ڪنڊڪٽ جي خلاف ورزي ٿي رهي آهي ته ٻڌايو وڃي، ان کي ذاتي طور تي ڏسنديس. هن چيو ته شام 7 وڳي کانپوءِ ٿيندڙ تاڪ شوز جي ??قابلي ۾ مارننگ شوز کي ميوزيڪل ۽ ڪلچرل جي ڏس ۾ ڏٺو وڃي ٿو.