اسلام آباد – 16 – اپريل (ا?? پي پي) وزيراعظ?? محمد شهباز شريف کي عهدو سنڀالڻ تي قطر جي امير شيخ تميم بن خليفه آل ثاني ۽ نائب امير شيخ عبدالله بن حمد مبارڪباد ڏني آهي ۽ ان جي لا??ِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم ميڊيا آفيس پاران اجري بيان موجب قطر جي امير ۽ نائب امير جي مبارڪباد ج?? پيغام جي جواب ۾ وزيراع??م شهباز شريف چيو آهي ته قطر ۽ پاڪستان ڀائر ملڪ آهن ۽ ڀائيچاري ۽ اسلامي ڀائيچاري جي عظيم رشتن ۾ ڳنڍيل آهن. وزيراعظم چيو ته قطر ۾ وڏي انگ ۾ پاڪستاني رهن ٿا ۽ اهي قطر کي پنهنجو ٻيو گهر سمجهن ٿا. وزيراع??م شهباز شريف وڌيڪ چيو ته قطر جي امير شيخ تميم بن حمد پاڪستان جي هر مشڪل ۽ ڏکئي وقت ۾ ذاتي دلچسپي وٺندي مدد ڪئي آهي جنهن جي اسان تمام گهڻي قدر ڪريون ٿا. هن ان اميد جو اظهار ڪيو ته مستقبل ۾ پاڪستان ۽ قطر جي لاڳاپن کي نئين بلندين ۽ ويجهڙائپ تائين پهچائينداسين. وزيراع??م شهباز شريف چيو ته قطر سستي ترين ايل اين جي فراهم ڪري پاڪستان کي روشن بڻائڻ ۾ ناقابل فراموش مدد ڪئي آهي. وزيراع??م شهباز شريف قطر جي امير ۽ نائب امير پاران مبارڪباد وار?? پيغام تي نيڪ خواهشن ۽ ٿورن جو اظهار ڪيو.