اسلام آباد – 17 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي وز??ر مخدوم شاهه محمود قريشي چ??و آهي ته مخالف ڌر وڏي واڪي هارس ٽريڊنگ جو اعتراف ڪري رهي آهي، اليڪشن ڪميشن ان جو نوٽيس وٺي. ملڪي سياسي صورتحال بابت هڪ بيان ۾ هن چ??و آهي ته پيپلزپارٽي جمهوريت جي علمبردار بڻجي جمهوريت کي نقصان پهچائي رهي آهي، مخالف ڌر جو نه هڪ جهنڊو، نه هڪ نظريو ۽ نه ئي هڪ ايجنڊا آهي، مخالف ڌر جو هڪ نقاطي ايجنڊا صرف وز??راعظم عمران خان کي هٽائڻ آهي. هن چيو ته جيترو نقصان جمهوريت کي اڄ ٿي ره??و آهي تاريخ ۾ ڪڏهن ناهي ٿيو، منهنجي نظر ۾ چوڌري ڀائر دانشمند آهن، اهي مناسب وقت تي، درست فيصلو ڪندا، اڃان ڏسڻو آهي ته بي اعتماد جو اُٺ ڪهڙي طرف ويهي ٿو، پرڏيهي وز??ر چيو ته پاڪستان هن وقت غير يقيني صورتحال جي سٽ سهي ن??و سگهي، ايم ڪيو ايم وارا اسان جا اتحادي آهن، پرڏيهي وز??ر چيو ته موجوده پيپلزپارٽي ۾ اها سوچ ناهي جيڪا ڀٽو دور ۾ هوندي هئي، پيپلزپارٽي تي هاڻي زرداري جا ڇاپ لڳي چڪي آهي، پيپلزپارٽي ۾ زرداري جي سوچ ۽ طور طريقو نظر اچي ره??و آهي. شاهه محمود قريشي چيو ته انهن ميمبرن کي ڊيڄاري ن??و سگهجي اهي فيصلن ۾ آزاد آهن، اندروني ۽ ٻاهرين سازشن جو قانون جي دائري ۾ رهي مقابلو ڪنداسين. پارٽي گڏجي فيصلو ڪندي ته صورتحال تي ڇا ڪرڻو آهي، هن چيو ته ايترن ذميدارن ماڻهن جي غير ذميداراڻي گفتگو تي تعج?? آهي، هن چيو ته او آءِ سي پرڏيهي وز??رن جي ڪائونسل جو اجلاس آهي، اهي پاڪستان اچي رهيا آهن، هن چيو ته عمران خان تي دٻاءُ وجهڻ ۾ اهي ماڻهو ناڪام ٿيندا، عمران خان مقابلو ڪرڻ ڄاهي ٿو ۽ اسان ڪري ڏيکارينداسين. شاهه محمود قريشي چيو ته ميمبرز نمبر گيم تي قياس آرايون آهن، ڪنهن ميمبر جو جائز مسئلو آهي ته ان تي ضرور ڳالهه ڪنداسين، شاهه محمود قريشي چيو ته پارٽي کان منهن موڙيندڙ ميمبرن بابت اعتزاز احسن جو موقف وز?? رکي ٿو، ميمبرن جون ٻوليون لڳائڻ، ٽڪيٽن جا واعدا ڪرڻ غير مناس?? آهي، ماضي ۾ ٽڪيٽن جي واعدن کانپوءِ به منهن موڙيو ويو.