اسلام آباد-23 فيبروري (اي پي پي) توانائي واري وفاقي وز??ر حماد اظهر چيو آهي ته روس دنيا ۾ توانائي فراهم ڪندڙ سڀ کان وڏو ملڪ آهي، وز??راعظم جو دؤري دوران ٻنهي ملڪن وچ ۾ توانائيءَ جي شعبي ۾ سهڪار کي هٿي وٺرائڻ تي ڳالهه ٻولهه ٿيندي. وز??راعظم عمران خان جي روس جي دؤري جي حوالي سان خيالن جو اظهار ڪندي هن چيو ته پاڪستان ۽ روس وچ ۾ توانائي جي شعبي ۾ سهڪار ۾ وڌيڪ اضافي جي گنجائش آهي. اي?? اي?? جي جي حوالي سان 3 کان 4 منصوبا اهڙا آهن جن تي گذري?سلاٹ_فادر/121659.html">? 6 مهينن دوران پاڪستان جو دؤرو ڪندڙ روسي ٽيمن سان پهريائين ڳالهيون ڪري چڪا آهن. انهن منصوبن بابت معاملن تي وز??راعظم عمران خان روس جي صدر پيوٽن سان خيالن جي ڏي وٺ ڪندو، جڏهن ته روس جي نائب وز??راعظم سان باضابطه طور تي ڳالهائيندس. حماد اظهر چيو ته روس دنيا ۾ توانائي فراهم ڪندڙ سڀ کان وڏو ملڪ آهي. يورپ، اُتر آمريڪا ۽ ٻين ملڪن جا روس سان گهرا رابطا آهن، جڏهن ته پاڪستان جا اهڙيءَ طرح جا رابطا روس سان پهريان نه هئا، انهن کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ جي ضرورت آهي.