اسلام آباد – 11 فيبروري (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي سان سعودي عرب لاءِ پاڪستان جي نا??زد سفير امير خرم راٺوڙ پرڏيهي وزارت ۾ ملاقات ڪئي. پرڏيهي وزير سعودي عرب ۾ سفير طور نا??زدگي تي امير خرم راٺوڙ کي مبارڪباد ڏني ۽ چيو ته پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ ٻطرفا گهرا ??ائ??اڻا لاڳاپا آهن، ٻئي ملڪ هر ڏکي وقت ۾ هڪٻئي جو ڀرپور ساٿ ڏنو ??هي. شاهه محمود قريشي چيو ته اسان جي حڪومت اقتصادي ترجيحن تي ڌيان ڏنو آهي، توهان جهڙي مڃيل سفارتڪار جي سفير طور مقرري اسان پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ ٻطرفا لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم ٿيندا. پرڏيهي وزير چيو ته اسان جي سفيرن کي اقتصادي سفارتڪاري کي استعمال ۾ آڻي پاڪستان ج?? معاشي استحڪام لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستانين جي ڀلائي ۽ بهتري اسان جي حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل ??هي. هن چيو ته سعودي عرب ۾ پاڪستانين جو وڏو تعداد رهي ٿو جيڪي پنهنجي محنت جي ??ما??ي پاڪستان موڪلي ملڪ ج?? معاشي استحڪام لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن، سعودي عرب لاءِ پاڪستان جي نا??زد سفير امير خرم راٺوڙ پرڏيهي وزير جو ٿورو ادا ڪندي سندس هدايتن تي مڪمل عملدرآمد جي خاطري ڪرائي.