اسلام آباد – 10 فيبروري (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي جي صدارت ۾ اقتصادي سفارتڪاري جي حوالي سان اهم اجلاس پرڏيهي وزارت ۾ ٿيو. اجلاس ۾ پرڏيهي سيڪريٽري سهيل محمود، پرڏيهي اسپيشل سيڪريٽري رضا ??شير تارڙ سعودي عرب جي لاء?? پاڪستان جي نامزد سفير امير خرم راٺوڙ ۽ پرڏيهي وزارت جي سينر آفيسر?? شرڪت ڪئي، نيويارڪ ۽ جنيوا ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي منير اڪرم ۽ خليل هاشمي ۽ آمريڪا ۾ پاڪستان جي سفير اسد مجيد وڊيو لنڪ جي ذريعي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي، ان کانسواءِ واشنگٽن لاء?? پاڪستان جي نامزد سفير سردار مسعود خان به اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چ??و ته پاڪستان جي معاشي استحڪام لاءِ اسان اقتصادي ترجيحاتي ايجنڊا تي ڌيان ڏئي رهيا آهيون، اقتصادي سفارتڪاري اسان جي ترجيح ايجنڊا آهي، هن چ??و ته اسان جي حڪومت پهريون ڀيرو جامع قومي سيڪيور??ي پاليسي جوڙي، اسان جي قومي سيڪيور??ي پاليسي جو فوڪس اقتصادي ترجيحن تي عملدرآمد ۽ اقتصادي هدفن کي حاصل ڪرڻ تي آهي، پرڏيهي وزير اقتصادي سفارتڪاري کي موثر انداز ۾ اڳتي وڌائڻ جي لاءِ سينئر سفيرن پاران سامهون ايندر تجويزن جي آجيان ڪئي ۽ چ??و ته وزيراعظم عمران خان جي ويزن جي روشني ۾ پرڏيهي وزارت ۾ اقتصادي سفارتڪاري ڊويزن جي جلد قيام جي لاءِ پرعزم آهيون.