اسلام آباد – 20 جنوري (اي پي پي) وز??را??ظم عمران خان سينيٽ ??ي چيئرمين سينيٽر صادق سنجراڻي سان سندس ڀاءُ سالار سنجراڻي جي لاڏاڻي تي تعزيت ڪئي. وز??را??ظم عمران خان سان سينيٽ ??ي چيئرمين سينيٽر محمد صادق سنجراڻي ملاقات ڪئي. وز??را??ظم چيئرمين سان سندس ڀاءُ سالار سنجراڻي جي لاڏاڻي تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو، هن مرحوم جي بلند درجن لاءِ خصوص?? دعا ڪئي. ملاقات ۾ ڪراچي، ڪوئيٽا، آر سي ڊي روڊ کي ٻن لائين وارو ٺاهڻ بابت معاملن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وز??را??ظم بلوچستان جي ترقي ۽ خوشحالي کي يقيني بڻائڻ لاءِ سڄي صوبي ۾ روڊن جي بنيادي ڍانچي کي بهتر ۽ جديد بڻائڻ جي خاطري ڪرائي، هن سي پيڪ تحت تعمير ٿيندڙ روڊن خاص طور تي اولهه روٽ جي تعمير کي ان سلسلي ۾ اهم اڳڀرائي قرار ڏنو ۽ اميد ظاهر ڪئي ته ان سان منصوبي ۾ معاشي ۽ معاشرتي ترقي لاءِ نئين دور جو آغاز ٿيندو.