اسلام آباد – 03 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان وفاقي ادارن ۾ سمنڊ پار پاڪستانين جي لاءِ سهولتڪار آفيسرن جي مقرري ۽ خصوصي س??ڪش?? ۽ ڊيسڪ قائم ڪرڻ جي ??دا??ت ڪئي آهي. وزيراعظم ڊيليوري يونٽ (پي ايم ڊي يو) پاران جاري بيان مجب حڪومت سمنڊ پار پاڪستانين کي سهولتون فراهم ڪرڻ جي لاءِ هڪ ٻيو وڏو قدم کنيو آهي، وزيراعظم وفاقي ادارن ۾ سهولتڪار آفيسر مقرر ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. وزيراعظم ??دا??ت ڪئي ته 39 وفاقي ??وي??نز ۾ اوورسيز پاڪستانين جي لاءِ سهولتڪار آفيسر مقرر ڪيا وڃن، وزيراعظم 13 وزارتن جي 34 ذيلي ادارن ۾ خصوصي س??ڪش?? ۽ ڊيڪس قائم ڪرڻ جو پڻ حڪم ڏنو آهي. وزيراعظم جي ??دا?? تي وزيراعظم ڊيليوري يونٽ لاڳاپيل وزارتن کي ان سلسلي ۾ ??دا??ت جاري ڪري ڇڏي آهي. وزيراعظم آفيس پاران جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته سهولتڪار آفيسر گريڊ 19 کان گهٽ جا نه هوندا ۽ وزارتون سهولتڪار آفيسرن جي مقرري کي نوٽيفائي ڪنديون. خط ۾ ??دا??ت ڪئي وئي آهي ته مخصوص س??ڪش?? ۽ ڊيسڪ قائم ڪرڻ جو پڻ باقاعده نوٽيفڪيشن جاري ڪيو وڃي ۽ وفاقي ادارا سهولت جي فراهمي بابت آگاهي جي لاءِ پرڏيهي وزارت، سمنڊ پار پاڪستانين واري وزارت ۽ اطلاعات واري وزارت کي معلومات فراهم ڪن، ان قدم جو مقصد سمنڊ پار پاڪستانين کي آفيسن ۾ درپيش مسئلن جو ازالو ڪرڻ آهي. وزيراعظم آفيس ??دا??ت ڪئي ته سموريون ??وي??نز 13 ڏينهن ۾ ڪارروائي مڪمل ڪري رپورٽ ڏين، ان قدم ??ان سمنڊ پار پاڪستانين جي لاءِ خدمتن جي فراهمي ۽ ٻين معاملن بابت آگاهي ۾ مدد ملندي. پرڏيهي وزارت، اوورسيز پاڪستانين واري وزارت ۽ اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت پنهنجي طور تي به سهولت جي آگاهي ڏينديون.