رياض – 25 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته موسمياتي تبديلين جي خطرن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ خصوصي قدمن جي ضرورت آهي، پاڪستان ماحول جي بهتري لاءِ 10 بلين ٽري منصوبو شروع ڪيو آهي، موسمياتي تبديلي جي چئلينج کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پاڪستان ۽ آم??يڪا کي گڏيل ??جربن مان فائدو کڻڻ گهرجي، آم??يڪا آءِ ڊي ايف سي جي ذريعي موسمياتي تبديلي جي شعبي ۾ سيڙپڪاري کي فروغ ڏي، پرامن ۽ مستحڪم افعانستان پاڪستان ۽ خطي جي مفاد ۾ آهي، عالمي برادري افغانستان ۾ امن ۽ سلامتي جي فروغ ۽ انساني بحران ۽ اقتصادي بدحالي کان بچڻ جي لاءِ ڪردار ادا ڪري. اهڙن خيالن جو اظهار هن ماحوليات بابت آم??يڪي خصوصي نمائندي جان ڪيري سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن مڊل اي??ٽ گرين انيشي ايٽو (ايم جي آئي) سمٽ جي موقعي تي وزيراعظم سان هتي ملاقات ڪئي. پاڪستان حڪومت پاران موسمياتي تبديلي جي مسئلي کي ترجيح بڻائڻ جي حوالي سان وزيراعظم چيو ته ان خطري کي منهن ڏيڻ جي لاءِ قومي ۽ عالمي سطح تي ڪوششون تيز ڪرڻ جي ضرورت آهي. وزيراعظم آم??يڪي خصوصي نمائندي کي موسمياتي تبديلي جي ڪري پاڪستان ۽ اسرندڙ ملڪن کي درپيش چئلينجن بابت پنهنجي موقف کان آگاهه ڪيو ۽ ماحولياتي چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ 10 بلين ٽري سونامي منصوبي سميت پاڪستان جي قدمن ۽ تجربن کي اجاگر ڪيو. ماحولياتي تبديلي ۽ ماحوليات تي پاڪستان ۽ آم??يڪا جي وچ ۾ جاري تعاون جو ذڪر ڪندي وزيراعظم عمران خان تازو ئي منعقد ٿيندڙ يو اي?? پاڪستان ڪلائميٽ اينڊ انوائرمينٽ ورڪنگ گروپ جي اجلاس تي اطمينان جو اظهار ڪيو جنهن ۾ ماحوليات بابت پاڪستان ۽ آم??يڪا جي وچ ۾ ٻطرفي تعاون جي شعبن جي نشاندهي ڪئي وئي. آم??يڪا جي خصوصي ايلچي جان ڪيري چيو ته پاڪستان ۽ آم??يڪا جي وچ ۾ پراڻا لاڳاپا آهن جن کي گڏيل هم آهنگي جي شعبن بشمول آبهوا ۽ ماحوليات ۾ وڌيڪ مضبوط بڻائڻ گهرجي. هن موسمياتي تبديلي جي اثرن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پاڪستان پاران کنيل مختلف قدمن کي ساراهيو. آم??يڪي انتظاميا پاران موسمياتي تبديلي جي مسئلي کي ترجيح بڻائڻ جي حوالي سان جان ڪيري وزيراعظم کي هلندڙ مهيني جي آخر ۾ بائيڊن انتظاميا پاران يو اين ايف سي سي سي ڪانفرنس آف پارٽيز (سي او پي 26) ۾ موسمياتي تبديلي جي اثرن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ وسيع تر اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ جي لاءِ کنيل مختلف قدمن کان آگاهه ڪيو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ آم??يڪا کي موسمياتي تبديلي جي اثرن جي خلاف گڏيل ??ور تي مفيد موقعن کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ پنهنجي خيالن، تجربي ۽ ٽيڪنالاجي مان فائدو جاري رکڻ گهرجي. وزيراعظم چيو ته آم??يڪا موسمياتي تبديلي جي مسئلي کي منهن ڏيڻ جي لاءِ يو اي?? انٽرنيشنل ڊيولپمينٽ فنانس ڪارپوريشن (ڊي ايف سي) جي ذريعي ٻطرفن لاڳاپن م اضافي جي امڪانن جو جائزو وٺي ته جيئن پاڪستان ۽ اسرندڙ ملڪن ۾ موسمياتي تبديلي جي خطري کي منهن ڏيڻ جي لا??ِ سيڙپڪاري ڪري سگهجي. آم??يڪي خصوصي نمائندي چيو ته انهن شعبن ۾ تعاون جي وسيع گنجائش موجود آهي ۽ هن متبادل ذريعن سان بجلي جي پيداوار جي منصوبن سميت ٻطرفي تعاون جي موقعن جو جائزو وٺڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو. ڌرين ان سلسلي ۾ تعاون جي موثر فريم ورڪ جي تياري جي لاءِ اڳتي جي قدمن جي تعين جي لاءِ ويجهو رابطو برقرار رکڻ تي اتفاق ڪيو. علائقائي ڏس ۾ وزيراعظم پاڪستان ۽ خطي جي لاءِ پرامن ۽ مستحڪم افغانستان جي اهميت تي زور ڏنو. وزيراعظم چيو ته افغانستان ۾ امن ۽ سلامتي جو قيام ۽ انساني بحران ۽ اقتصادي بدحالي کان بچڻ جي لاءِ عالمي برادري کي عملي طور تي قدم کڻڻ گهرجن. وزيراعظم چيو ته افغان عوام جي ڀلائي جي لاءِ مثبت رابطن ۽ اقتصادي وسيلن ۽ مالياتي اثاثا جاري ڪرڻ جي ضرورت آهي.